ابوالحسن صغي

ابوالحسن ”صغير“: مشھور محدث ميان غلام حسين ولد مخدوم ابوالحسن ”صغير“، پنھنجي وقت جو عالم ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس والد خدا جي پيارن ٻانهن مان هو. غالباً 1102ھہ (1691ع) ڌاري ٺٽي ۾ ڄائو. ظاهري خواه روحاني تعليم ۾ پنھنجي والد جو صحيح پيروڪار ثابت ٿيو. جوانيءَ ۾ حرمين شريفين ويو، جتي جيد عالم مجدد ۽ شيخ المشائخ مخدوم سيد محمد حيات سنڌيءَ (1661-1751ع) جي قائم ڪيل مديني شريف واري مدرسي ۾ پڙهڻ لڳو. سندس حياتيءَ ۾ تہ ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو، پر وفات بعد بہ مخدوم سنڌيءَ جو جانشين بڻجي، مدرسي جي نظام کي باقاعدہ هلائڻ لڳو. آخر 82 ورهين جي عمر ۾ 1187ھہ (1773ع) ڌاري، مديني شريف ۾ ئي وفات ڪيائين.
مخدوم ابوالحسن ”صغير“ عربي ۽ فارسي زبانن تي دسترس رکندو هو. ”صغير“ تخلص سان سندس عربي شعر بہ ملي ٿو. وڏو پرهيزگار ۽ سني عقيدو رکندڙ هو. ڪافي شاگرد پيدا ڪيائين ۽ چوڏهن ڪتاب بہ لکيائين، جن مان ٻہ رياض يونيورسٽيءَ جي درسي نصاب ۾ اڄ بہ شامل آهن. سندس تحريرون بامقصد ۽ عبرت ۾ وجهندڙ آهن. انهيءَ اعتبار کان کيس اسلامي دنيا جي انسائيڪلوپيڊيا چيو وڃي ٿو. سندس دعا مستجاب هئي ۽ اڪثر مديني جي مرسل جو ذڪر سندس زبان تي رهندو آيو. سيد غلام علي بلگرامي ۽ مولانا خير الدين سورتيرح جا نالا سندس خاص رفيقن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو