ابن مسڪويه: ابن مسڪويه جو اصل نالو ابوعلي احمد بن محمد ابن يعقوب هو، جيڪو 330ھہ/942ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 421ھہ/1030ع ۾ وفات ڪيائين. هو ايراني نسل جو هڪ مشھور تاريخدان ۽ فلسفي هو، جنهن پنهنجون لکڻيون عربيءَ ۾ لکيون، ۽ ’آل بويه‘ وٽ اعليٰ عهدن تي فائز رهيو. هُن ’تجارب الامم‘ نالي دنيا جي تاريخ لکي، جيڪا طوفانِ نوح کان شروع ٿي، 369ھہ/979ع تي ختم ٿئي ٿي. غيرجانبداريءَ ۾ بيباڪ تنقيد سان گڏوگڏ سندس لکڻين ۾ طبيباڻو انداز بہ ملي ٿو، جنهن اسلامي تاريخ نويسيءَ کي اعليٰ درجي تائين پھچايو آهي. تاريخ کان سواءِ ابن مسڪويه ’تھذيب الاخلاق وتطهير الاعلاق‘ نالي هڪ ڪتاب بہ لکيو. نصيرالدين طوسيءَ اُن ڪتاب کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري، اُن ۾ ڪجهہ اضافو ڪيو ۽ اُن جو نالو ’اخلاقِ ناصري‘ رکيو. ابن مسڪويه اصفهان ۾ 1030ع ۾ وفات ڪئي ۽ اُتي ئي کيس دفن ڪيو ويو.
ابن مسڪويه پهريون مسلمان مفڪر آهي، جنهن موجودات عالم جي ارتقائي ترتيب کي باقاعدي هڪ نظريي جي شڪل ۾ پيش ڪيو. اسلامي دنيا جي نامور فيلسوف ۽ حڪيم بوعلي سينا جو همعصر هو ۽ ساڻس
خطو ڪتابت بہ ڪندو هو. ابن مسڪويه جو نظريو جديد نظريہ ارتقا سان حيرت انگيز مشابهت رکي ٿو. هتي سندس نظريي جو ٿورو تفصيل ڏجي ٿو:
هن جي نظر ۾ زندگيءَ جا اثر سڀ کان پهريائين نباتات ۾ ظاهر ٿين ٿا. اهو هيئن تہ منجهن حرڪت جو وجود آهي ۽ غذا جا محتاج آهن ۽ انهيءَ ڪري جمادات کان ممتاز آهن، ليڪن نباتات جا ڪيترا قسم بنا ٻج جي پيدا ٿين ٿا، جيڪي جمادات جي گهڻو ويجهو آهن، پر جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن کان پوءِ اهڙي قسم جا درخت ملن ٿا، جن کي ٻج ۽ ميوي سان گڏ عمدي زمين، عمدي پاڻيءَ ۽ عمدي هوا جي ضرورت هوندي آهي، مثلاً زيتون، ڏاڙهون، صوف ۽ انجير وغيره، جن ۾ وري انگور ۽ کجور وڌيڪ ترقي يافتہ آهن، جيڪي نباتات جي ڄڻ تہ آخري سرحد تي ڦرجڻ لاءِ ٻنهي جو ميلاپ ضروري آهي. ان کان پوءِ جيڪا ترقي ٿئي ٿي، تہ معاملو نباتات جي حد مان ٽپي حيوانات جي حد ۾ پهچي وڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح نباتات جي ترقيءَ جي آخري منزل حيوانات جي ابتدائي درجي سان اچي ملي ٿي. نباتات جي آخري مرحلي تي صرف ايتري ترقي ٿئي ٿي، جو انهن کي زمين ۾ لڳائڻ جي ضرورت نٿي پوي. ان کان سواءِ اهي پنھنجي مرضيءَ سان حرڪت پڻ ڪري سگهن ٿا، پر اهو وري حيوانات جو بلڪل ابتدائي مرحلو آهي. انهيءَ مرحلي تي صرف هڪڙي حِس، يعني ڇھڻ جي حس ملي ٿي، جنهن جو مثال سمنڊ جي ڪناري تي ملندڙ سپون ۽ ڪوڏ آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي هڪدم کڻي وٺندو تہ اهي پنھنجي جڳھہ ڇڏي ڏيندا، پر جيڪڏهن آهستي آهستي کڻندو تہ اهي پنھنجي جڳھہ سان چنبڙيا پيا هوندا، ڇوته انهن کي اهو محسوس ٿئي ٿو تہ ڪو ماڻهو کين ڇُھي رهيو آهي. ان کان پوءِ ڪيڙا ماڪوڙا آهن ۽ تنهن کان پوءِ اهڙا جانور، جن کي صرف چار حواس آهن، مثلاً: ڇڇوندر يا بنا اکين وارا جانور. اڳتي هلي اهڙا جانور اچن ٿا، جن ۾ پنج ئي حواس آهن، پر اهي بہ ڪن ۾ گهٽ تہ ڪن ۾ وڌيڪ آهن. انهن مان ڪي اشاري ۽ مهميز کي سمجهن ٿا، جھڙوڪ گهوڙو ۽ باز وغيرہ. آخر ۾ حيوانات جي ترقيءَ جي منزل انسان جا ابتدائي نمونا آهن، جن ۾ باندر وغيرہ اچي وڃن ٿا. اتي پهچڻ کان پوءِ ان جو قد بہ سڌو ٿي وڃي ٿو. ان کان سواءِ منجهس تميز جي قوت بہ پيدا ٿئي ٿي. اهو حيوانات جو اعليٰ ترين ليڪن انسانيت جو ادنيٰ درجو آهي. (حيوانيات جي حوالي سان ڪنهن ڪنهن حد تائين اهو نظريو ڊارون جي ارتقاد جي نظريي سان ميل کائي ٿو، جيڪو هن کان ڪيئي صديون پوءِ جو آهي) فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعر مولانا روميءَ (1273- 1207ع) جو نظريو، ابن مسڪويه جي خيالن سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿو.
0942.00.00 عيسوي
ابن مسڪويه: ابن مسڪويه جو اصل نالو ابوعلي احمد بن محمد ابن يعقوب هو ، جيڪو 330هه/942ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 421هه/1030ع ۾ وفات ڪيائين .
1030.00.00 عيسوي
ابن مسڪويه: ابن مسڪويه جو اصل نالو ابوعلي احمد بن محمد ابن يعقوب هو ، جيڪو 330هه/942ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 421هه/1030ع ۾ وفات ڪيائين .