ابن شاھہ جا ٽڪر: ابن شاھہ بزرگ شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان شيخ اسماعيل جو فرزند هو. پير ابن شاھہ جي درگاھہ، تعلقي شاهبندر ۾ چوهڙ جماليءَ کان ڪجهہ مفاصلي تي اولھہ طرف ٽڪرن تي آهي، جن کي سندس نالي پٺيان ’ابن شاھہ جا ٽڪر‘ سڏيو ويندو آهي.