
بو علي سينا/ابن سينا
ابن سينا: ابن سينا جو اصل نالو ابوعلي حسين بن عبدالله ابن سينا هو، کيس ’بُوعلي سينا‘ بہ چوندا هئا. تمام وڏو طبيب، فلسفي، سائنسدان ۽ رياضيءَ جو ماهر ٿي گذريو آهي. پاڻ بخارا جي هڪ ڳوٺ ’افشنه‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن. هڪ اندازي موجب آگسٽ يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان (ايران) ۾ وفات ڪيائين. هڪ ٻئي اندازي موجب ابن سينا، منصور اول بن نوح اول جي عھد (961_ 976ع) ۾ ڄائو. ارڙهن سالن جي عمر تائين قرآن، شاعري، فلسفي، منطق ۽ طب جهڙن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. شروع کان ئي سندس ڌيان علم جي حصول ڏانهن رهيو. ابتدا ۾ ارسطوءَ جي ڪتاب ’مابعد الطبيعات‘ کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪيائين، پر فارابيءَ کي پڙهڻ کان بعد الطبيعات سمجهڻ لڳو، پوءِ طب ۾ ڪمال حاصل ڪيائين ۽ طبيب جي حيثيت سان دنيا ۾ سندس مشهوري ٿي. ساساني حڪومت جي خاتمي کان پوءِ بخارا ڇڏي سن 1001ع ڌاري ’خوارزم‘ هليو ويو. جتي هن جي وقت جي مشھور عالمن سان ملاقات ٿي، انهن جي صحبت ۾ رهي ٻين بہ ڪيترن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. هن البيرونيءَ سان بہ علمي بحث ڪيا. 1009ع ۾ عراق آيو، جتان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ کيس غزنيءَ ۾ سڏائي ورتو. غالباً هن غزنيءَ وڃڻ کان انهيءَ ڪري انڪار ڪيو، جو پاڻ باطني يعني اسماعيلي عقيدي جو هو. محمود غزنوي باطنين کي پسند نہ ڪندو هو، انهيءَ ڪري بعد ۾ هي ’جرجان‘ هليو ويو، 1022ع ۾ اصفهان ۾ آيو، ۽ اتي 14 سال رهيو. آخري ڏينهن ۾ همدان آيو ۽ وفات بہ اتي ڪيائين. ابن سينا 100 کن ڪتاب لکيا، جن مان ’القانون‘ ۽ ’الشفا‘ کي ڏاڍي شھرت ملي.
0980.08.00 عيسوي
ابن سينا/ بو علي سينا؛ سندس ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن . هڪ اندازي موجب آگسٽ يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان ( ايران ) ۾ وفات ڪيائين .
1037.06.21 عيسوي
ابن سينا/ بو علي سينا؛ سندس ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن . هڪ اندازي موجب آگسٽ يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان ( ايران ) ۾ وفات ڪيائين .
0976.00.00 عيسوي
بو علي سينا/ ابن سينا؛ هڪ ٻئي اندازي موجب ابن سينا ، منصور اول بن نوح اول جي عهد ( 961_ 976ع ) ۾ ڄائو