ابن باجه

ابن باجه: ابن باجه اندلس جو مشهور فلسفي ۽ دانشور هو، جنهن فلسفي، طب، ڪيميا ۽ علم هيئت تي ڪيترا ڪتاب لکيا، هن جو اصل نالو ابوبڪر محمد ابن يحييٰ سرقسطي هو.
تعليم مان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪجهه وقت اندلس جي حاڪم يوسف تاشقين جو وزير ٿي رهيو، هي تصوف جو سخت مخالف هو، پر فلسفي ۾ هن کي مغرب جو ابن سينا سڏيو وڃي ٿو. مشهور فلسفي ابن رشد تي به چون ٿا ته هن جو اثر هو. هن جي ڪتابن جا اصل متن ڪٿي به نه ٿا ملن، البت سندن ڪتابن جا عبراني ۽ لاطيني زبانن ۾ ترجما يورپ جي ڪيترن لائبررين ۾ موجود آهن. 533هه/1139ع ۾ وفات ڪيائين. اصل سرقسط (اسپين) جو هو. جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن زهر ڏنس ۽ وفات ڪيائين. فلسفي، طب، هيئت، طبعي علوم ۽ ڪيميا ۾ سندس مرتبو نهايت بلند هو. سندس لکڻين جو سنڌ ۾ ڪيترن بزرگن تي اثر آهي.


لفظ ابن باجهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0533.00.00  هجري

533هه/1139ع ۾ وفات ڪيائين . اصل سرقسط ( اسپين ) جو هو . جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن زهر ڏنس ۽ وفات ڪيائين .


1139.00.00  عيسوي

533هه/1139ع ۾ وفات ڪيائين . اصل سرقسط ( اسپين ) جو هو . جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن زهر ڏنس ۽ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ موسيٰ سيوستاني
آغا غلام نبي پٺاڻ
غلام سڪينه شيخ
حفيظ ڪاردار
خديجه خانم دائود پوٽو
الهڏنو مهر
علي محمد ڀٽو
بيگم آغا خان
آفتاب شِوداساڻي
سيٺ ڌريانو مل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون