ابنِ اسحاق

ابنِ اسحاق: ”تاريخِ اسلام“ ۾ جن شخصيتن کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي، انهن ۾ ابن اسحاق يعني ابو عبدالله محمد بن اسحاق بن يسار جو نالو سرفهرست آهي. ابو عبدالله بن اسحاق مديني شريف ۾ تقريباً 84 ھہ (703ع) ڌاري پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي محنتي هو. ﷲ پاڪ کيس تيز ذهانت عطا ڪئي هئي، جنهنڪري قابل استادن جي نظر فيض اثر هيٺ، عربي زبان تي وڏو عبور حاصل ڪيائين. ادب جي سلسلي ۾ وقت جي وڏن وڏن عالمن کي بہ پنھنجي حيثيت مڃائڻ ۾ دير نہ ڪيائين. ان کان سواءِ روايتن کي صحيح انداز ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ پنھنجي زماني جي اڪابرن سان بہ ڪي قدر اختلاف رهيس، جنهن جي ڪابہ پرواھہ نہ ڪري، ويتر قلم جي رفتار وڌائڻ لڳو. ايستائين جو مالڪ بن انس جهڙي جيد عالم سان بہ ڪيترين روايتن تي زباني ڏي وٺ ڪيائين. هُو سچائيءَ جو ساٿ ڇڏي نہ سگهيو ۽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. ابنِ اسحاق اڳ ۾ مصر ويو ۽ پوءِ عراق کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻائي رهڻ لڳو. وقت جي خليفي المنصور کيس بغداد اچڻ جي دعوت ڏني، جتي 67 ورهين جي ڄمار ۾ 151ھہ (768ع) ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس امام ابو حنيفه رحمت الله عليه جي ڀرسان جاءِ ملي. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. زياد بن عبدالله البڪائي ڪوفيءَ جو نالو هن ڏس ۾ سرفهرست آهي. ابنِ اسحاق وڏو مؤرخ بہ هو. هن ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي حياتي مبارڪ تي ”سيرت النبيصه“ نالي ٻن جلدن ۾ نهايت وضاحت سان روشني وڌي آهي. سندس هي ڪتاب، پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي حالاتِ زندگيءَ تي، قديم ڪتاب آهي. هجري چوٿين صديءَ ۾ الوزير المغربيءَ هن ڪتاب کي اصلي صورت ۾ نقل ڪرائي، محفوظ ڪيو.


لفظ ابنِ اسحاقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو