ابل اداس ٻٻر

ابل اداس ٻٻر

ابل اداس ٻٻر

ابل اداس ٻٻر: شاعر ابل اداس ٻٻر جو اصل نالو عبدالله ٻٻر ولد محمد سچل ٻٻر آهي. سندس جنم 16 مارچ 1980ع تي ڇاڻو شاھہ آباد محلي، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين جي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ درزڪو ڪم ڪرڻ لڳو. هن شاعري جي ابتدا 1995ع کان ڪئي. سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. هن شاعريءَ جي سکيا بشير سيتائي کان ورتي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اسان کي اکيون ڄڻ روئڻ لاءِ مليون“ (شاعري، 2012ع)، ”موکي مَٽَ اُپٽيا“ (ٻين شاعرن سان گڏ)، ”چوٽا تيل چنبيليا“ (ٻين شاعرن سان گڏ) ۽ ”گُلن سُرهاڻ آندي آ“ (ٻين شاعرن سان گڏ) شامل آهن. هن سنڌي کان علاوہ اردوءَ ۾ بہ شاعري ڪئي آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ طرفان کيس اوارڊ مليل آهي.


لفظ ابل اداس ٻٻرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.03.16  عيسوي

شاعر ابل اداس ٻٻر جو اصل نالو عبدالله ٻٻر ولد محمد سچل ٻٻر آهي. سندس جنم 16 مارچ 1980ع تي ڇاڻو شاهه آباد محلي، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي
صبا اڪبر آبادي
غلام ﷲ مير
سعيدالزمان عاطف
طالب لغاري
حمل فقير 1
ثنائي مشهدي
سيد غلام محمد شاھہ گدا
سڪندر سرواڻ
اڪبر ساگر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون