ابل اداس ٻٻر

ابل اداس ٻٻر

ابل اداس ٻٻر

ابل اداس ٻٻر: شاعر ابل اداس ٻٻر جو اصل نالو عبدالله ٻٻر ولد محمد سچل ٻٻر آهي. سندس جنم 16 مارچ 1980ع تي ڇاڻو شاھہ آباد محلي، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين جي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ درزڪو ڪم ڪرڻ لڳو. هن شاعري جي ابتدا 1995ع کان ڪئي. سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. هن شاعريءَ جي سکيا بشير سيتائي کان ورتي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اسان کي اکيون ڄڻ روئڻ لاءِ مليون“ (شاعري، 2012ع)، ”موکي مَٽَ اُپٽيا“ (ٻين شاعرن سان گڏ)، ”چوٽا تيل چنبيليا“ (ٻين شاعرن سان گڏ) ۽ ”گُلن سُرهاڻ آندي آ“ (ٻين شاعرن سان گڏ) شامل آهن. هن سنڌي کان علاوہ اردوءَ ۾ بہ شاعري ڪئي آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ طرفان کيس اوارڊ مليل آهي.


لفظ ابل اداس ٻٻرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.03.16  عيسوي

شاعر ابل اداس ٻٻر جو اصل نالو عبدالله ٻٻر ولد محمد سچل ٻٻر آهي. سندس جنم 16 مارچ 1980ع تي ڇاڻو شاهه آباد محلي، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زمان شاھہ ساقي
اقبال بلوچ
عبدالله چانڊيو
راءِ بھادر سيٺ وشنداس
ساحر لڌيانوي
سائينداد ساند
علي ناصر ڌاريجو
ڪشنچند بيوس
بھرام فقير جتوئي
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون