ابرار ابڙو

ابرار ابڙو

ابرار ابڙو

ابرار ابڙو: شاعر ۽ ليکڪ ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو 21 مارچ 1974ع تي، تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جو امتحان ڳيريلي مان پاس ڪيو. ايم اي (سنڌي ادب 2007ع) جي ڊگري، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان حاصل ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1996ع کان ڪئي. سندس لکڻيون، ’مھراڻ‘، ’سارنگا‘، ’لھرون‘، ’سارس‘، ’همرچو‘، ’سنڌي ريکائون‘، ’ناٽڪ‘ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. 1998ع کان 2001ع تائين سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهہ وقت خانگي اسڪول ۾ بہ پڙهايو. سنڌي ادبي سنگت ڳيريلي شاخ جو 1996ع ۾، ٿوري وقت لاءِ سيڪريٽري بہ رهيو. ڳيريلو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ سان ڪجهہ وقت وابستہ رهيو. هن شاعريءَ ۾ بيت، وايون، نظم ۽ غزل لکيا آهن. ان کان علاوہ نثر ۾ ڪجهہ ڪھاڻيون ۽ اڀياس پڻ تحرير ڪيا، البت هاڻي صرف غزل لکي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’اکين کي پنڌ ڪرڻو آ‘ 2023ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 2014ع ۾ ماهوار ’ناٽڪ‘ مئگزين ڪراچيءَ جي طرفان کيس مڃتا اوارڊ مليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.03.21  عيسوي

شاعر ۽ ليکڪ ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو 21 مارچ 1974ع تي، تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راز شيخ عبدالرزاق
ساز علي ساز
سوامي پرمانند
اورنگزيب ڀٽي
غلام مهدي قاضي
سدارام ڀڳت
پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
رکيل شاھہ
دايو غمدل فقير
طالب لغاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون