ابابيل پکي

ابابيل پکي

ابابيل پکي

ابابيل پکي

ابابيل

اَبابيلُ: پکيءَ جو هڪ قسم، جنهن جي ڇاتي اڇي، مٿو ۽ ڪنڌ ڳاڙهسرو، چهنب ننڍي، پڇ ڊگهو ۽ شاخدار هوندو آهي. ننڍو جهرڪيءَ جيڏو، پر ڪارسرو، هيءُ پکي مٽيءَ جو آکيرو ٺاهي، ان اندر نرم کَنڀ وڇائي ڇڏيندو آهي. سج لٿي کان ٿورو اڳ ٻاهر نڪرندو آهي. نهايت تيز اُڏامندو آهي. سج لٿي مھل ڏسبو تہ ابابيل هوا ۾ هڪ ٻئي پٺيان لهندا چڙهندا نظر ايندا. اهي تيز اُڏامندي اُڏامندي يڪدم ڍرا ٿي ويندا آهن، ائين هو جيتن کي جهلڻ لاءِ ڪندا آهن.
ابابيل جهرڪيءَ جهڙي ٻولي ڪندو آهي. هو پنهنجو آکيرو اڪثر ڪري گهرن جي ڇڄهرين ۾ جوڙيندو آهي. هيءُ پکي پنهنجن ٻچن کي گهڻو پيار ڏيندو آهي. هن پکيءَ جو گذران جيتن تي هوندو آهي ۽ سخت سيءَ ۾ لڏپلاڻ ڪري گرم علائقن ۾ هليو ويندو آهي.
حڪيم چون ٿا تہ طبي لحاظ سان ابابيل جو پڪل گوشت ڪيترين بيمارين کي فائدو ڏيندو آهي.
قرآن پاڪ ۾ هن پکيءَ جو ذڪر سورة ’الفيل‘ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ پاڪ ابابيلن جو ولر موڪلي، ابرھہ جي لشڪر کي تباھہ ڪري ڇڏيو. ابابيل جا ڪجهہ قسم هيٺ ڏجن ٿا.
ابابيل ريگستاني Plain (Indian) Sand Martin / Riparia paludicola /: ريگستاني ابابيل 12 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿيندو آهي؛ ان جي پُٺي سرمائي ناسي، ڳچي، ڇاتي ۽ پيٽ ڦِٽل سرمائي کان اڇڙي رنگ جا آهن، پَـر ۽ پڇ گهري ناسي رنگ جا هوندا اٿس. ميدانن ۾، وارياسين ٽڪرين يا درياھہ جي ڪنڌين تي رهندو آهي.
ابابيل ميرانجهڙو ننڍو Pale Crag Martin / Ptyonoprogne fuligula /: پٿريلي ميري رنگ جو ھيءُ ابابيل 13 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿئي ٿو. ان جو پيٽ اڇڙو ناسي، ڳچي ۽ ڳل اڇا ٿين ٿا.
ابابيل ڳاڙھہ مـُنهون نيرو Barn or Common Swallow / Hirundo rustica /: 17 سينٽي ميٽر جسامت جو هي ابابيل هماليہ کان آسام تائين نسل وڌائيندو آهي ۽ سياري ۾ وڏا ولر ٺاهي سڄي هندستان ۾ پکڙجي ويندو آھي. اهي ولر عام طور تي گاھہ جي ميدانن ۽ تارن تي ويٺل نظر ايندا آهن، جيڪي ڏينهن جي وقت ڀرپاسي جي ميدانن ۽ گپراٺن علائقن ۾ خوراڪ لاءِ نڪرندا آهن. هي پکي ڊڄڻو نہ آهي ۽ عمارتن ۾ بہ آکيرا ٺاھيندو آھي.


لفظ ابابيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو