ائينيميري  شمل

ائينيميري شمل

ائينيمري شمل ڊاڪٽر

ائينيمري شمل، ڊاڪٽر: جرمنيءَ جي مشھور خاتون مستشرق ائينيمري شمل 07 اپريل 1922ع جرمني جي شھر ارفروت (Efurt) ۾ پيدا ٿي. برلن يونيورسٽيءَ ۾ عربي، فارسي، ترڪي زبانن ۽ اسلامي علوم ۽ فنون جو مطالعو ڪيائين. اوڻٽيهن سالن جي عمر ۾ اسلاميات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين. ٻي جنگ عظيم دوران دفتر امور خارجہ ۾ مترجم رهي. 1951ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. 1954ع ۾ انقره يونيورسٽي وئي ۽ اتي تاريخ ۽ مذهب جي پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1961ع ۾ برلن يونيورسٽيءَ ۾ ۽ 1967ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شعبي ”مسلم تھذيب“ ۾ پروفيسر رهي. 1965ع ۾ هن جي خدمتن جي اعتراف طور حڪومت پاڪستان طرفان کيس ”ستارہ قائداعظم“ سان نوازيو ويو. 1982ع ۾ حڪومت پنجاب، لاهور جو هڪ خوبصورت روڊ هن جي نالي سان منسوب ڪيو. ڊاڪٽر شمل علامہ اقبال جو خصوصي مطالعو ڪيو آهي ۽ کيس جرمن زبان جي ذريعي يورپ ۾ متعارف ڪرايو آهي، ۽ سنڌي ادب تي بہ متعدد تنقيدي ڪتاب لکي چڪي آهي. سندس هڪ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، پروفيسر ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ، ”سنڌي ادب جي ارتقا“ جي نالي سان ڪيو آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ڪجهہ حصو جرمنيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو اٿس. شاھہ لطيف ۽ تصوف تي کيس اٿارٽي مڃيو ويو آهي. 1983ع ۾ صدر پاڪستان طرفان هن کي ”هلال امتياز“ جو اعزاز ڏنو ويو. ڊاڪٽر شمل صاحبہ پنھنجي وصيت ۾ ڄاڻا يو هو تہ کيس مرڻ کان پوءِ مڪليءَ جي قبرستان ۾ سنڌ جي عظيم دانشور پير حسام الدين شاھہ راشديءَ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي. پر ائين ٿي نہ سگهيو، کيس وفات کانپوءِ جرمنيءَ ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. البت پير حسام الدين جي مزار وٽ ائنيميري شمل جي علامتي قبر جي تختي لڳائي وئي آهي.ڊاڪٽر ائينيمري شمل 26 جنوري 2003ع تي بون،جرمني ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.04.07  عيسوي

جرمنيءَ جي مشهور خاتون مستشرق ائينيمري شمل 07 اپريل 1922ع ۾ پيدا ٿي.


2003.01.26  عيسوي

ڊاڪٽر ائينيمري شمل 26 جنوري 2003ع تي بون،جرمني ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد مراد شاھہ
جيلاني سيد محمد صالح اصغر
سڀاش چندر بوس
جڙيل شاھہ بخاري
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
شفيع محمد ڪرناڻي
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
ڊيلز جارج فرينڪلن
خانبهار احمد خان ڀٽو
عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون