آڌي سون: آڌي سون ۾ ٽي حصا سون هوندو آهي ۽ چوٿون حصو ڦيٽ جو ملايل هوندو آهي، جيئن تہ آڌي سون خالص نہ هوندو آهي، ان ڪري اهو ايترو دل ڇڪائيندڙ نہ هوندو آهي. اهڙن نقلي زيورن کي سونارا سون جو پاڻي چاڙهيندا آهن، پر اهو پاڻي ڪجهہ وقت کانپوءِ لھي ويندو آهي ۽ آڌ ۽ سون جا زيور پڌرا ٿي پوندا آهن، جيڪي بد زيبا، غير پسنديدہ ۽ بي ملها هوندا آهن.