آچر درويش: هي درويش ٺٽي جو ڀوڳڙي (ڀڳڙا ٺاهيندڙ يا وڪڻندڙ) هو. هو ڪاني ڪرامت جو صاحب سمجهيو ٿي ويو. ٺٽي جا ڪيترائي معزز ماڻهو ۽ سيد سندس مريد هئا، ٺٽي جو مشھور عالم سيد علي ثاني شيرازي بہ سندس مريدن مان هڪ هو. سندس ڪيترائي نقل ۽ واقعا مشھور آهن (ڏسو: تحفة الڪرام). جڏهن ٺٽي جي سيدن مان سندس مريديءَ جو ڳاڻيٽو وڌندو ويو تہ انهن کي ان ڳالھہ جو خار محسوس ٿيڻ لڳا تہ اسان سيدن جو اولاد آچر درويش جو مريد ٿئي، اهڙيءَ طرح انهن هر طرح کيس تنگ ڪيو، ۽ شھر مان بي دخل ڪيو پوءِ هو گجرات هليو ويو. سندس مريد سيد علي ثاني درويش جو ڏس پڇائيندو وڃي کيس مليو .