آچاريه ڪرپالاڻي

آچاريه ڪرپالاڻي

آچاريه ڪرپالاڻي

آچاريه ڪرپالاڻي: هن جو پيدائشي نالو جيوترام ڀڳوانداس ڪرپالاڻي هو، پر سياست ۾ اچڻ کان پوءِ ”آچاريه ڪرپالاڻيءَ“ جي نالي سان مشھور ٿيو. 1888ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ورتائين، پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ولسن ڪاليج بمبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. بنگال جي ورهاڱي خلاف هلچل ۾ حصو وٺڻ جي ڏوھہ ۾ ڪاليج ڇڏڻو پيس. ان کان پوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. 1912ع ۾ ايم. اي پاس ڪري، سکر ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ بھار صوبي جي مظفر ڳڙھہ ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳو. جيئن تہ ڪرپالاڻي سنڌي هو، تنهنڪري بھاري شاگرد کانئس شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. 1917ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌيءَ ستيا گره هلچل شروع ڪئي تہ ان جو ساٿ ڏنائين. مهاتما گانڌي مظفرپور ۾ وٽس اچي ترسندو هو، انهيءَ ڏوھہ ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. ان کان پوءِ آچاريه ڪرپالاڻيءَ سڄي زندگي مهاتما گانڌيءَ جو ساٿ ڏنو. 1918ع ۾ پنڊت مدن موهن مالويه جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1919ع ۾ بنارس جي هندو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ سياسيات جو استاد بڻيو. 1920ع ۾ جليانوالا باغ واري واقعي تي مهاتما گانڌيءَ سِول نافرماني تحريڪ شروع ڪئي تہ آچاريه ڪرپالاڻي بہ وديشِي ڪپڙن کي ساڙي هن تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ ائين سال کن کان پوءِ وري اچي گانڌيءَ سان شريڪ ڪار ٿيو. 1922ع کان 1937ع تائين هو ”گجرات وديا پيٺ“ جو پرنسپال رهيو، 1934ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ 1946ع تائين اهو عهدو وٽس رهيو، آڪٽوبر 1946ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو صدر منتخب ٿيو،انگريزن خلاف سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ويو. ورهاڱي بعد ڀارت جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1951ع ۾ پنھنجي ڌار سياسي پارٽي ”ڪانگريس نيشنل ڊيموڪريٽ فرنٽ“ قائم ڪيائين، 1952ع کان 1957ع تائين لوڪ سڀا جو بہ ميمبر رهيو. آزاد خيال ۽ ڪشاده دل انسان هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس وفات 19 مارچ 1982ع ۾ ٿي.


لفظ آچاريه ڪرپالاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.00.00  عيسوي

آچاريه ڪرپالاڻي1888ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو .


1982.00.00  عيسوي

آچاريه ڪرپالاڻي 19 مارچ 1982ع ۾ وفات ڪئي.



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسفند يار ولي
امجد حسين شاھہ جيلاني
اختر حسين جدون
احمد علي خان جلباڻي
اميرعلي شاھہ پير
الاهي بخش سومرو
آچاريه ڪرپالاڻي
اڪبر خان بگٽي
اختر مينگل
انڙ غلام رسول
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون