آهوري جاگير: دادوءَ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ ديهن جو نالو. هڪ ديھہ ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپورناٿن شاھہ ۾ آهي، جنهن ۾ آهوري، ڪُنب ۽ ميربحرن جا ڳوٺ شامل آهن. ٻيءَ ديھہ تعلقي عمرڪوٽ ۾ آهي، جنهن ۾ 7 ڳوٺ شامل آهن.