آنند مٽائي

آنند مٽائي:آنند مٽائي 1930 ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ 44 سي، آرام ڪوآپريٽو سوسائٽي واڪولا، سانتاڪروز (ايسٽ)، بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سڃاڻپ اداڪار، هدايتڪار ۽ اسٽيج ڪنٽرولر طور اٿس.
اداڪار طور ”ناٽڪ ۾ ناٽڪ“، ”گستاخي معاف“، ”نمي ڏس“، ”پئسي جا رنگ“ ۽ ”رات جو يارهين بجي“ ۽ هدايتڪار طور ”پيار ڪري ڏس“، ”ضرورت آهي جوءِ جي“، ”پلئهُ پلي“ ۽ ٻين انيڪ ناٽڪن جھڙوڪ: ”ڏس پئسي جا رنگ“، ”طلاق“، ”هڪ ٻہ ٽي“، ”ماءُ تہ منهنجي“، ”واھہ ڙي زمانا“ ۽ ”هيءَ يا هوءَ“ وغيرہ ۾ لائيٽنگ ڏنل. سنڌي رنگ منچ کان سواءِ هندي، مرهٽي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ پڻ لائيٽنگ ڏني اٿس. گجراتي سنسٿا آءِ. اين. ٽيءَ جي گهڻو ڪري سڀني ناٽڪن ۾ لائيٽنگ ڏنائين. مهاراشٽر راجيه ناٽڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ بھترين لائيٽنگ لاءِ انعام حاصل ڪيا اٿس. دهليءَ جي نئشنل اسڪول آف ڊراما مان ٽن سالن جو ڊراما ڪورس پاس ڪري، پهرئين سنڌي هجڻ جو شرف حاصل ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

آنند مٽائي:آنند مٽائي 1930 ۾ ڄائو . ورهاڱي کان پوءِ 44 سي ، آرام ڪوآپريٽو سوسائٽي واڪولا ، سانتاڪروز ( ايسٽ ) ، بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيجورام شرما
ڦتوهل
بھاول خان عباسي5
ڀڳڙو خان جيڻو
ملا جلال ٺٽوي
خليل کوسو
پير غلام شاھہ جيلاني
خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو
سر رابرٽ فرانسِس مُودي
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون