آمڻ ٻير: ھڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو ڦر، ھن جو ٿڙ ٿلھو ۽ ٽاريون وڏيون ٿينديون آھن. نومبر مھيني ۾ ھن ۾ ٻور ٿيندو آھي ۽ ان کان پوءِ ٻير جهليندو آھي، جيڪي بيحد مٺا ھوندا آھن. ھن وڻ جي ڪاٺي بہ سگهي ٿيندي آھي، تنھنڪري انھيءَ مان کٽن جا پاوا، ايسون ۽ اوپرا، اٺن جا پاکڙا، گهوڙن جا ھنا ۽ گڏھن جا ’جنڊا“ بہ ٺھندا آھن. ٿر ۾ سنڌي ٻيريون گهٽ آھن، البت آمڻ ٻير جام ٿئي ٿي، جيڪا ماڻھو گهرن ۾ پوکيندا آھن، ٿري ماڻهو ٻيرن کي ميوي طور استعمال ڪندا آھن.