آمري ڍنڍ:آمري شھر جي اوڀر ۾ سنڌو درياھہ وڏي اٿل کان پوءِ ٻہ- درياهي، يعني نئون وهڪرو ڪيو. انهيءَ وهڪري کي ’پُراڻ‘ سڏيو ويو، جيڪو اندازاً ڇھہ ڪلو ميٽر ڊگهو هو. ’پراڻ‘ جي پيٽ، سياري جي مند ۾ ڍنڍ جي صورت اختيار ڪئي، پر ٻئي سال درياھہ ’آمري پراڻ‘ ڇڏي وهڪرو مٽائي ويو ۽ ڍنڍ رهجي وئي. ٻين ڍنڍن وانگر ڍنڍ جو ٺيڪو نيلام ٿيندو آهي. آمري ڍنڍ ۾ مڇي وڏي تعداد مري ٿي ۽ پراڻي دادو ضلعي جي قديم ڍنڍن ۾ شمار ٿيندي آهي.