آفتاب نظاماڻي

آفتاب نظاماڻي: ڪهاڻيڪار ۽ صحافي آفتاب نظاماڻيءَ جو اصل نالو ’وريام نظاماڻي‘ هو، پر هو ادبي حلقي ۾ ’آفتاب نظاماڻي‘ جي نالي سان مشھور هو. هن 26 اپريل 1948ع تي سانگهڙ شھر ۾ محمد يوسف نظاماڻيءَ جي گهر ۾جنم ورتو. سندس ادب سان تمام گهڻو چاھہ هو. هن صحافت بہ ڪئي تہ اخبارن ۾ ڪالم بہ لکيا. سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر بہ رهيو. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، انشورنس ايجنٽ، صحافي ۽ سماجي ورڪر طور بہ مشھور هو. سندس ڪهاڻين جا ٻہ مجموعا: ”ارپنا“ (1982ع) ۽ ”اوهيرا“، (1984ع) ڇپيل آهن. انگريزن خلاف هليل حُر تحريڪ تي بہ هن وڏي تحقيق ڪري ڪتاب جيترو مواد گڏ ڪيو، پر اُهو ڇپجي نہ سگهيو. ان کان علاوہ سانگهڙ ۾ ثقافتي ميلا لڳرائڻ ۽ سانگهڙ بابت سووينئر ڇپرائڻ ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو. سندس لکيل ڪجهہ سنڌي ڊاراما پي ٽي وي تي بہ هليا. لساني فسادن واري دور ۾ کيس 21 جون 1988ع تي حيدرآباد ۾ دهشتگردن شھيد ڪيو. سنجهوري تعلقي جي ڳوٺ عيسن چانڊئي سان تعلق رکندڙ، سندس گاڏيءَ جو ڊرائيور نور محمد سولنگي پڻ اُن واقعي ۾ ساڻس گڏ شھيد ٿيو. سندس آخري آرامگاھ سانگهڙ ۾ ’منصورن جو مقام‘ ۾ آهي. هن وقت سندس فرزند انجم آفتاب نظاماڻي صحافت جي دنيا ۾ سرگرم آهي ۽ پريس ڪلب سانگهڙ جو صدر پڻ رهيو آهي. سندس ٻيو فرزند عدنان آفتاب نظاماڻي مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس ۾ انجنيئرنگ شعبي ۾ ڪم ڪري ٿو.
(حوالو: ”سانگهڙ تاريخ جي آئيني ۾“ پروفيسر ممتاز علي لغاري)


لفظ آفتاب نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.04.26  عيسوي

ڪهاڻيڪار ۽ صحافي آفتاب نظاماڻيءَ جو اصل نالو ’وريام نظاماڻي‘ هو، پر هو ادبي حلقي ۾ ’آفتاب نظاماڻي‘ جي نالي سان مشهور هو. هن 26 اپريل 1948ع تي سانگهڙ شهر ۾ محمد يوسف نظاماڻيءَ جي گهر ۾جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد اسماعيل
عثمان علي انصاري
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
سيال احمد خان
عبدالجبار عابد لغاري
صبا دشتياري
عزيز حامد مدني
غلام قادر سومرو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون