آفاق صديقي

آفاق صديقي

آفاق صديقي

آفاق صديقي: پروفيسر آفاق صديقي اردوءَ جو مشھور شاعر ۽ دانشور آهي، هن 5 مئي 1928ع تي شيخوپوره، ضلعي فرخ آباد (ڀارت) ۾ جنم ورتو. ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان لڏي آيو ۽ سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1975ع ۾ گورنمينٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص ۾ اردو شعبي جو صدر ٿيو. درس ۽ تدريس سان گڏوگڏ تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جي ڪمن ۾ وڏي محنت سان مشغول رهيو. هن خاص ڪري سنڌي ادب کي اردو پڙهندڙ طبقي ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس تصنيفن ۾ هيٺيون قابل ذڪر آهن: ”شيخ اياز جي سنڌي نظمن جو اردو ترجمو“؛ شاھہ لطيف جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڪتاب ”عڪس لطيف“ (جنهن تي رائٽرس گلڊ کيس ادبي انعام ۽ ٻيا اعزاز بہ ڏنا)“ ”سنڌي ٻوليءَ جي جديد اديبن ۽ شاعرن جي چونڊ تخليقن جي ترجمن جو مجموعو“؛ ”سچل سرمست جي شاعري ۽ شخصيت“ تي تحقيقي ڪتاب ”شاعر حقِ نور“؛ ”باباءِ اردو“، ”وادي مهران ۾“، ”قلب سراپا“ (شاعريءَ جو مجموعو) وغيرہ. ان کان سواءِ تعليمي ۽ درسي ڪتابن جي تدوين ۽ اشاعت جا ڪم ڪندو رهي ٿو. لطيف شناسيءَ ۽ اياز شناسيءَ تي دسترس رکي ٿو. هن شاھہ جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي ۾ شيخ اياز جي مدد بہ ڪئي. نوٽ : آفاق صديقي 16 جون 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ آفاق صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.05.05  عيسوي

آفاق صديقي 5 مئي 1928ع تي شيخوپوره ، ضلعي فرخ آباد ( ڀارت ) ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر ثانوري
پرمانند پياسي
فقير نواب ولي محمد خان لغاري
بلبل رئيس شمس الدين
احسان رضا
ضياء جالنڌري
بشير بيوس اوٺو
لطف سيال
محمد خان مسرور سيال
ارجن حاسد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون