آغا عبدالنبي عليگ

آغا عبدالنبي عليگ

آغا عبدالنبي عليگ

آغا عبدالنبي ’عليگ ‘: آغا عبدالنبي ’عليگ‘ ولد آغا گل حسن خان دراني، 3 جولاءِ 1903ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گمبٽ (خيرپور) مان ورتائين. 1919ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙھہ ڪاليج ويو، جتان 1924ع ۾ بي. اي (آنرز) ڪري واپس وطن آيو. سڀ کان اول پاڻ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو، جتان بعد ۾ مختيارڪار جي عهدي تي پهتو. آهستي آهستي ترقي ڪندو ڪمشنر ٿيو، ۽ 1958ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ بہ گورنمينٽ جي صلاحڪار جي حيثيت ۾ لاهور ۾ ڪم ڪيائين، جتي کيس صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ڪري کنيو ويو.
آغا صاحب کي علم و ادب جو ذوق ننڍپڻ کان ئي هو. شعر و شاعريءَ ۾ ’آغا‘ ۽ ’عليگ‘ تخلص اختيار ڪيو اٿس. ’افڪار عليگ‘ جي نالي سان سندس نظمن جو مجموعو بہ ڇپيل آهي. پاڻ ڊراما بہ لکيائين. سندس ڪتابن ۾ ’حريص پتلو‘ عرف ’وفا جي ديوي‘، ’ايڪتا فلم جا ڊائلاگ‘، ’افسانا ۽ مقالا‘ وغيرہ شامل آهن.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر بہ رهيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن هو. سچل اڪيڊمي ۽ سچل ثقافتي مرڪز جو قيام ۽ سچل تي ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ، سندس اهم خدمتون آهن. شاھہ لطيف ۽ سچل سائينءَ کان علاوہ پاڻ اميرخسرو کان بہ متاثر هو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف، هجر ۽ وصال، عشق ۽ جذب جا دلڪش نمونا ملن ٿا. آغا صاحب
19 آڪٽوبر 1976ع/ 12 ذوالحج 1396ھہ تي وفات ڪئي.


لفظ آغا عبدالنبي عليگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.07.03  عيسوي

آغا عبدالنبي ’ عليگ ‘ ولد آغا گل حسن خان دراني ، 3 جولاءِ 1903ع تي شڪارپور ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو جان محمد
ڀونگر
ابڙو جمال
ڪمار ٿڌاڻي
جکراڻي عرض محمد
ڊاڪٽر ڊرئگو
ڄام لاکو ڦلاڻي
فتح علي جتوئي
ارڏو اترادي
تاج حيدر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون