آغا شاھي

آغا شاھي

آغا شاهي

آغا شاھي: پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي معاملن جو وزير آغا شاھي، 1920ع ۾ بئنگلور (ڀارت ) ۾ ڄائو، مدراس يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. 1943ع ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو. 50-1949ع ڌاري ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر رھيو. 1951ع ۾ پاڪستان جي پرڏيھي معاملن واري آفيس سان وابستہ ٿيو ۽ 1958ع ۾ واشنگٽن ۾ ڪائونسلر مقرر ٿيو، 1961ع ۾ چين جو سفير ۽ 1973ع ۾ پرڏيھي معاملن واري وزارت جو سيڪريٽري ٿيو. 1977ع ۾ اقوام متحدہ جي نسلي امتياز جي خاتمي واري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، کيس 1960ع ۾ تمغه پاڪستان جو اعزاز ۽ 1964 ع ۾ ستارہ قائداعظم مليو، جنرل اسيمبليءَ جو مستقل نمائندو بہ رھيو. پرڏيھي معاملن جو نائب وزير مملڪت ۽ ان کان پوءِ 1980ع کان 1982ع تائين پاڪستان جي پرڏيھي معاملن جو وزير رھيو. آغا شاهي 6 سيپٽمبر 2006ع تي اسلام آباد ۾ گذاري ويو.


لفظ آغا شاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

آغا شاھي،1920ع ۾ بئنگلور( ڀارت ) ۾ ڄائو


2006.09.06  عيسوي

آغا شاهي 6 سيپٽمبر 2006ع تي اسلام آباد ۾ گذاري ويو.



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امير بخش ڀٽو
بلاول ڀٽو زرداري
اعجاز علي شاھہ شيرازي
الاهي بخش پير
احمد علي خان جلباڻي
امداد علي پتافي
آصف علي زرداري
ارباب غلام رحيم
اياز لطيف پليجو
اسفند يار ولي
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون