آغا ثناالله

آغا ثناالله

آغا ثناالله

آغا ثناالله: مشھور فنڪار آغا ثناالله ولد آغا غلام مرتضيٰ پٺاڻ 24 ڊسمبر 1956ع تي سلطان ڪوٽ، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۽ انٽر شڪارپور مان پاس ڪري، خانگي بنيادن تي سکر ڪاليج مان ايم.اي (معاشيات) جي ڊگري حاصل ڪئي. 1986ع ۾ ناڻي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ مقرر ٿيو، جتان ترقي ماڻي 2016ع ۾ اڪائونٽ آفيسر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. کيس موسيقيءَ سان ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ هو. جنھن ڪري احمد بخش بدوي کان موسيقيءَ جي باقاعدي سکيا پڻ ورتي. 1971ع ۾ تُرڪي ۽ ايران ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. کيس ريڊيي تي 1985ع ۾ نصير مرزا ۽ ٽي.وي تي 1992ع ۾ شاهد ڀُٽي متعارف ڪرايو. 2004ع ۾ ورلڊ سوشل فورم، بمبئي جي پروگرام ۾ ڳائي، داد حاصل ڪيو. ان کان سواءِ سنڌ ٽي.وي، مھراڻ ٽي.وي ۽ آواز ٽي.وي تي پڻ پروگرام ڪري چُڪو آهي. سندس گيتن جا ناز پروڊڪشن ۽ ٿر پروڊڪشن پاران ٽي البم رليز ٿيل آهن. کيس ڪي.ٽي.اين اوارڊ، شيخ اياز اوارڊ، شاھہ لطيف اوارڊ، تنوير عباسي اوارڊ، امداد حسيني اوارڊ، حسن درس اوارڊ ۽ مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهي اوارڊ ملي چُڪا آهن


لفظ آغا ثنااللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.12.24  عيسوي

مشھور فنڪار آغا ثناالله ولد آغا غلام مرتضيٰ پٺاڻ 24 ڊسمبر 1956ع تي سلطان ڪوٽ، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد صديق مولوي سيتائي
ٻلديو نندلال ڪالرو
جيرام چئنمل روپاڻي
راءِ نوگهڻ
حسن ناصر
پريم چند منشي
غلام رسول فقير
آغا شمشاد مغل
بگٽي شر
درويش قطب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون