آصف مھدي

آصف مھدي

آصف مھدي

آصف مھدي: مشھور غزل گائڪ آصف مھديءَ جو پورو نالو آصف جاويد هو. هن 24 جولاءِ 1968ع تي نامور غزل گائڪ، مھدي حسن جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل راجستان جا هئا، جتان ورهاڱي وقت لڏپلاڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. آصف مھديءَ موسيقيءَ جي سکيا پنھنجي والد ۽ چاچي غلام قادر کان ورتي. آصف مھديغزل‘، ’ڪلاسيڪل موسيقي‘، ’نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ‘ کان علاوہ اُردو فلمن لاءِ بہ گيت ڳايا، جنھن تي کيس پاڪستان فلم انڊسٽري جو وڏي ۾ وڏو ’نگار‘ اوارڊ ۽ ٻيا پڻ مليا. آصف مھدي، ڦڦڙن جي تڪليف سبب 2 آگسٽ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ آصف مھديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.07.24  عيسوي

مشھور غزل گائڪ آصف مھديءَ جو پورو نالو آصف جاويد هو. هن 24 جولاءِ 1968ع تي نامور غزل گائڪ، مھدي حسن جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


2021.08.02  عيسوي

آصف مھدي ڦڦڙن جي تڪليف سبب 2 آگسٽ 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوڪت گل
شبير شاهاڻي
فقير نجم علي
پون ڪمار نانڪرام
چندر (ماسٽر چندر)
ٻارٽ
سينگار علي سليم
انينا فدا
استاد نياز احمد خان
بالي/گولي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون