
آصف علي زرداري قيد کان قيادت تائين - ڪتاب
آصف علي زرداري (قيد کان قيادت تائين- ڪتاب ):نوجوان ليکڪ ستار رند جو محترم آصف علي زرداريءَ ۽ محترمہ شھيد بينظير ڀٽو، پيپلز پارٽيءَ سان وابستہ ڳالهين بابت 2004ع کان مختلف اخبارن، خاص ڪري روزاني عبرت، روزاني سوال، روزاني عوامي آواز، روزاني جاڳي، روزاني سنڌ، وغيرہ اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن جو هيءُ ڪتاب The Creaters اداري سڪرنڊ طرفان پير ذاڪريءَ شايع ڪرايو آهي. هن ڊيمي سائيز جي 202 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت -/250 روپيا آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 42 ڪالم آهن، جن مان ڪجهہ مکيہ ڪالمن جا سِرا هي آهن: آصف زرداري جيل جي ڪهاڻي، آصف ڏوهي آهي تہ ثابت ڪريو، بينظير ڀٽو ۽ سنڌ، بينظير ۽ سنڌ جو وچن، سچ کي موجود رهڻو آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو، سابق ڏهيسر سنڌ لاءِ هڪ پيغام، پ. پ کي ٽوڙن جو ڪوششون، آصف جي آزادي ۽ مخالف، بلاول ڀٽو ۽ شھيد بينظير، تاريخ ۽ شھيد بينظير ڀٽو، غم بينظير جو ماتم، آصف زرداري، بينظير شھيد جي مشن جو علم وغيرہ.