
آصف رضا موريو
آصف رضا موريو: آصف رضا موريو جو نالو ايڊيٽر، ،مضمون نگار، مورخ، محقق ۽ پبلشر طور مُلڪي ۽ بين الاقوامي ادب جي دنيا ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جنهن جا هن وقت تائين 21 انگريزي، 15 اردو ۽ 7 سنڌي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوہ سندس هڪ هزار کان مٿي تحقيقي مضمون ملڪي ۽ بين الاقوامي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس جنم پهرين اپريل 1971ع ڌاري تعلقي ڏوڪري (لاڙڪاڻو) ۾ ڳوٺ سومر خان موريو المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ ٿيو. گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽرميڊئيٽ ۽ بي ايس سي (جاگرافي) ڪرڻ کان پوءِ شاھہ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان علم الانسان (Anthropology) ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. آصف رضا موريو، سنڌ جي تاريخ، آثار قديمه، سياحت، علم الانسان، موحوليات، پکي پکڻ ۽ سماجي سائنسز وارن موضوعن تي گذريل ويهن سالن کان مسلسل لکي رهيو آهي. سندس پھريون ڪتاب Mohenjo Daro, Mysterious city of Indus Valley Civilization ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ليکڪ ۽ موضوع بابت محترمہ بينظير ڀٽو، ڊاڪٽر مبارڪ علي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ خوشونت سنگهہ جهڙي مدبرن جا رايا ڏنل آهن. تنهن کان پوءِ آيل سندس انگريزي ڪتابن ۾: (1) Larkano (2) The Pictorial Profile (3) Mohenjo Daro (4) Leading Land of Ancient Cultures (5) Ancient Sindh (6) AIDS (7) International Health Emergency of the world (8) Moriro Fisherman and the Shark of Kalachi (9) Bhutto and International Media وغيرہ شامل آهن. سندس سنڌي ڪتابن ۾: ’عظيم پرٿوي قديم سنڌ‘، ’مُورڙو ميربحر ۽ ڪلاچي جي شارڪ‘ ۽ ’انساني ارتقا کان ويهين صديءَ تائين‘ ۽ ’سنڌيا‘ وغيرہ ڇپيل آهن. آصف رضا موريو بين الاقوامي انگريزي جريدي Jewel Time جو ايسوسيئيٽ هئڻ سان گڏ بيشمار خابرو ادارن، يونيورسٽين، ليڊنگ چينلن جي ادارتي ٽيمن ۽ اين جي اوز جي اهم عهدن تي تحقيق ۽ تاليف سان سلهاڙيل رهندو آيو آهي. سندس تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس قومي ۽ بين الاقوامي اوارڊ مليا آهن، جن مان خاص ايمي پين اوارڊ، رائيٽرز گلڊ اوارڊ، مانڃياچي ٽائيمز اوارڊ، نيشنل جيوگرافڪ چينل طرفان بھترين تحقيقڪار اوارڊ، رينائسنس گيلريز اوارڊ، گلوبل انويسٽيگيٽو جرنلزم نيٽورڪ، ٽوماروز هوپ وغيرہ جھڙا بيشمار بين الاقوامي ادبي، تحقيقي ادارا ۽ فورم شامل آهن.
1971.04.01 عيسوي
آصف رضا موريي جو جنم پهرين اپريل 1971ع ڌاري تعلقي ڏوڪري (لاڙڪاڻو) ۾ ڳوٺ سومر خان موريو المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ ٿيو.