آصف جاه، نواب: سندس اصل نالو مرزا ابوالحسن، لقب آصف خان عرف آصف جاھہ، سندس پيءُ جو نالو اعتماد الدوله غياث بيگ هو. آصف جاھہ نورجھان بيگم جو وڏو ڀاءُ ۽ ارجمند بانو (شاھجھان جي بيگم ممتاز محل) جو پيءُ هو. هو سيوهڻ توڙي بکر جو نواب هو ۽ اهي سندس جاگير ۾ شامل هئا. هو 17 شعبان 1051ھہ ۾ وفات ڪري ويو ۽ لاهور ۾ دفن ٿيل آهي .