آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري

آصفه ڀٽو زرداري: آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو شھيد جي ننڍي ڌيءَ آهي. سندس جنم 1992ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو. هوءَ چئن سالن جي مس هئي تہ سندس والد آصف علي زرداريءَ کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو 2004ع تائين جيل ۾ رهيو. آصفه جي تربيت ۽ پرورش سندس امڙ ڪئي. هوءَ والد جي شفقت کان محروم رهي. جڏهن آصفه جي والدہ محترمہ بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ اليڪشن مھم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ جلسي ۾ شھيد ڪيو ويو ۽ سندس تدفين ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي. پهريون ڀيرو آصفه عام ماڻهن جي سامهون آئي. 2008ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پنھنجي وڏي نياڻي بختاور کي پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جو سربراھہ مقرر ڪيو تہ ان موقعي تي هن آصفه کي پ پ پ يوٿ ونگ سنڀالڻ لاءِ پڻ همٿ افزائي ڪئي. هن وقت آصفه دبئي جي هڪ اعليٰ اسڪول ۾ زيرِ تعليم آهي ۽ سندس شمار ذهين شاگردياڻين ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.00.00  عيسوي

آصفه ڀٽو زرداري: آصفه ڀٽو زرداري ، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ننڍي ڌيءَ آهي . سندس جنم 1992ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو .


2007.12.27  عيسوي

جڏهن آصفه جي والده محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ اليڪشن مهم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ جلسي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سندس تدفين ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي . پهريون ڀيرو آصفه عام ماڻهن جي سامهون آئي .


2008.00.00  عيسوي

2008ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پنهنجي وڏي نياڻي بختاور کي پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جو سربراهه مقرر ڪيو ته ان موقعي تي هن آصفه کي پ پ پ يوٿ ونگ سنڀالڻ لاءِ پڻ همٿ افزائي ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عائشہ خاتون چنا
شوڪت حسين رضوي
ٻيڙو فقير ڪنڀار
مخدوم عبدالغفور سيوستاني
قرت العين طاهرہ
آفتاب راهمون
بروهي
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
زينت امان
ڀٽي زيب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون