آسيہ بيبي

آسيه، بيبي: فرعون جي زال، بيبي آسيہ بنت مزاحم اها پاڪ خاتون هئي، جنهن حضرت موسى عليہ السلام جي پرورش ڪئي. قرآن مجيد ۾ کيس ’اِمرات فرعون‘ جي نالي سان ڪوٺيو ويو آهي. تحريم سورت جي يارهين آيت ۾ آيو آهي تہ: ”۽ مسلمانن لاءِ خدا تعالى فرعون جي زال جو مثال ڏئي ٿو تہ اُن دعا گهري تہ اي منهنجا خدا منهنجي لاءِ بھشت ۾ پاڻ وٽ گهر ٺاھہ ۽ مون کي فرعون ۽ ان جي ڪردار کان آجو ڪر ۽ مون کي ظالم ماڻهن کان نجات ڏي.“ بيبي آسيہ انهن چئن جليل القدر عورتن مان آهي، جن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ آيو آهي، انهن ۾: حضرت بيبي مريم، حضرت بيبي خديجه، حضرت بيبي فاطمہ ۽ حضرت بيبي آسيہ شامل آهن. نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن فرمايو تہ جنتي عورتن مان سڀ کان فضيلت واريون ”خديجه، فاطمه، مريم ۽ آسيہ“ آهن. بيبي آسيہ وڏي پارسا ۽ خدا پرست عورت هئي ۽ حضرت موسى عليہ السلام جي شريعت جي تابعدار هئي. فرعون جي ماڻهن کي حضرت موسى جي قتل کان هن ئي روڪيو هو. فرعون کي جڏهن آسيہ جي ايمان جي خبر پئي، تڏهن کيس طرحين طرحين اذيتون ڏيڻ لڳو. بيهقيءَ پنھنجي ڪتاب ’شعب الايمان‘ ۾ حضرت سلمانرضه کان روايت آندي آهي تہ بيبي آسيہ کي نٽهڻ اُس ۾ بيهاري ايذايو ويندو هو. جڏهن فرعون جا ماڻهو ايذاءَ ڏيئي آسيہ کان پري ٿيندا هئا تہ فرشتا مٿس پنھنجي پرن سان ڇانو ڪندا هئا ۽ کيس ان وقت جنت ۾ پنهنجو گهر نظر ايندو هو. مسلمان مفسرن جو چوڻ آهي تہ جنهن عورت حضرت موسىعه کي درياھہ مان ڪڍي پاليو هو، سا حضرت بيبي آسيہ هئي.


لفظ آسيہ بيبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو