آسا (سُر ):شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه جي رسالي جا سڀ سُر پنھنجي پنھنجي هڪ الڳ حيثيت ۽ اهميت رکن ٿا، انهن سرن مان سر آسا عارفانہ فڪر جي اعليٰ معيار وارو سر آهي، جنهن ۾ شاھہ سائينءَ وحدت ۽ ڪثرت جي ويچار جو اعليٰ پيماني تي اپٽار ڪئي آهي. هن سر ۾ انسان جي سرڪش نفس کي قابو ڪرڻ جو تاڪيد بہ ڪيل آهي تہ اعليٰ اخلاق جو سبق بہ ڄاڻايل آهي. هن سر ۾ انسان کي پاڻ سڃاڻڻ جو ڏس ڏنل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سر آسا جي معنويت ۽ حقيقت بابت لکي ٿو تہ: ”سر آسا هڪ وڏو معنوي سر آهي، جنهن ۾ مجاز ۽ حق بابت ڳُوڙها معنوي اشارا ڏنل آهن. سر ۾ ڪنهن روايتي پس منظر ۽ ماحول بدران تصوف جي رازن رمزن وارو فڪر سمايل آهي، جنهن ۾ مجازي حقيقت جي مثالن، صوفياڻي فڪر جي اشارن ۽ سالڪن جي سلوڪ وارين منزلن ۽ مرتبن جا اهڃاڻ ڏنل آهن. ”جڏهن تہ هن سر بابت غلام محمد شھواڻي لکي ٿو تہ: ”شاھہ صاحب هن سر ۾ حرص ۽ حَوس کان پناھہ گهري ٿو ۽ نفس کي ڏانوڻ ڏئي قابو رکڻ جي رمز ٻڌائي آهي“. خداوند ڪريم انسان جي آزمائش ۽ امتحان وٺڻ لاءِ هن کي حرص ۽ حَوس جي مڪان ۾ موڪلي ارشاد فرمايو تہ نفس جي چنبي ۾ نہ اچجان، بلڪہ سڌي راھہ وٺجان ۽ پنهنجو پاند نفساني خواهشن ۾ نہ ڦاسائجان:
مـون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻـار ۾،
اڀـا ائيـن چـون، مـڇــڻ، پـانـد پسائين.
لطيف سائينءَ جي هن سر ۾ انسان کي پاڻ سڃاڻڻ، خودي مارڻ، عبد جو محبوب سان تعلق، پرينءَ جي سونهن جي ساراھہ وغيرہ اهم موضوع آهن. شاھہ سائين پرينءَ جي حسن جي ساراھہ ڪندي، اکين جي استعمال کي جنهن اعليٰ نموني سان هن سر ۾ بيان ڪيو آهي، ان جو مثال ڪنهن ٻئي شاعر وٽ تمام گهٽ نظر ايندو:
اڀري ئي سج، پرين جي نہ پسنديون،
ڪڍي ٻئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي.
شاھہ سائين سر آسا ۾ عشق جي لامحدود وسعتن کي وائکو ڪيو آهي ۽ اها ڳالھہ سمجهائي آهي تہ عشق آهي ئي وسعت جو نالو، جنهن سان لاڳاپجي ماڻهو محدود نہ ٿو رهي. هو سمجهائي ٿو تہ عشق انتها جو نالو آهي، جتي انسان وٽ ڪابہ حد بندي نہ ٿي رهي، نہ وري پنھنجي وجود جو احساس رهي ٿو. صوفين جو سمورو فڪر بہ ان ڳالھہ جو قائل آهي تہ خوديءَ کي ختم ڪرڻ بعد ئي ماڻهو ”انسان“ بڻجي ٿو. سر آسا ۾ جدوجھد ۽ جستجو جو بہ وڏو پيغام آهي:
لوچان ٿي لاحد ۾ هادي لهان نہ حد،
سپريان جي سونهن جو، نہ ڪو قد نہ مد،
هت سڪڻ بي عدد، هت پرينءَ پرواھہ ناھہ ڪا.