آزاديءَ جي يڌ ۾ سنڌ جو ڀاڳ(ڪتاب ): يعني ”آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو“. هيءُ ڪتاب هندستان ۾ رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ٻلديو گاجرا جو لکيل آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 210 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 50 روپيا اٿس. ڪتاب جو جلد پڪو آهي. هيءُ ڪتاب 1985ع ۾ بمبئيءَ (ممبئيءَ) مان ڇپيو. ڪتاب جي نالي مان ئي معلوم ٿئي ٿو تہ انگريزن کان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ سنڌي ماڻهن جي حصي وٺڻ جو تفصيل هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۽ سنڌي ۾ بہ ڇپيل آهي.