آر اي شاهه

آر اي شاهه

آر اي شاھہ

آر اي شاھہ: ڊاڪٽر رشيد احمد شاھہ عرف عام ڊاڪٽر آر اي شاھہ جي نالي سان مشھور آهي. 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاھہ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جيڪو اصل ٺٽي جو بخاري سيد هو. مئٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، بي ايس سي، ڊي جي سائنس ڪاليج مان، ايم اي ۽ ڊپلوما يونيورسٽي آف بيروت مان ۽ پي ايڇ ڊي 1969ع ڌاري آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽي مان ڪيائين. هن نوڪريءَ جي شروعات سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ ساڳي يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر بہ ٿيو. ان کانسواءِ نيويارڪ يونيورسٽي ۾ ريسرچ ائسوسيئيٽ ڪوپس پراجيڪٽ، آمريڪا جي اين. جي. يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، اسلام آباد ۾ تعليم واري وزارت ۾ صلاحڪار ۽ سيڪريٽري، ڊائريڪٽر تربيت لاهور، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، لياري يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي عھدن تي رهي چڪو آهي.


لفظ آر اي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.10.27  عيسوي

ڊاڪٽر آر . اي . شاهه 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لکميچند پريم ڊاڪٽر
ڀٽي اورنگزيب
ٺٽوي درويش مٺو
شرت ڀڳتياڻي
بھاول خان عباسي3
گل حسن لاکو
نيٻراج سنگهہ سوڍو ڀڳت
آغا شھاب الدين
بابو پليجو
پير شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون