آر اي شاهه

آر اي شاهه

آر اي شاهه

آر اي شاهه: ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه عرف عام ڊاڪٽر آر اي شاهه جي نالي سان مشھور آهي. 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جيڪو اصل ٺٽي جو بخاري سيد هو. مئٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، بي ايس سي، ڊي جي سائنس ڪاليج مان، ايم اي ۽ ڊپلوما يونيورسٽي آف بيروت مان ۽ پي ايڇ ڊي 1969ع ڌاري آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽي مان ڪيائين. هن نوڪريءَ جي شروعات سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ ساڳي يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر به ٿيو. ان کانسواءِ نيويارڪ يونيورسٽي ۾ ريسرچ ائسوسيئيٽ ڪوپس پراجيڪٽ، آمريڪا جي اين. جي. يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، اسلام آباد ۾ تعليم واري وزارت ۾ صلاحڪار ۽ سيڪريٽري، ڊائريڪٽر تربيت لاهور، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، لياري يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽ ٻين به ڪيترن ئي عھدن تي رهي چڪو آهي.


لفظ آر اي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.10.27  عيسوي

ڊاڪٽر آر . اي . شاهه 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيبي رابعه بصري
برڪلي
دين محمد سيد
دولت شاهه امير
اوستو سچيڏنو
ارباب امير حسن
احمد مجتبيٰ غالب
راڻو رتن سنگهه
ضياء الدين احمد
راڻڪ ديوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون