آر ايم هري ڊاڪٽر

آر ايم هري ڊاڪٽر

آر ايم هري ڊاڪٽر

آر. ايم هري، ڊاڪٽر: هن جو پورو نالو ڊاڪٽر روچلداس منشاراڻي هري آهي. 30 اپريل 1912ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو. دوست ۽ سنگتي کيس ”دادا سائين“ چوندا هئا. پاڻ سائين قطب علي شاھہ جھانيان جن جو معتقد هو. روهڙيءَ جي ميونسپل هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن هوميوپيٿيءَ جا امتحان پاس ڪري، ڊاڪٽري شروع ڪئي ۽ خيراتي علاج ڪندو رهيو. ورهاڱي کان پوءِ هندو مسلم فسادن ۾ سندس گهر ۽ مال لٽجي ويو ۽ پاڻ هندستان هليو ويو، جتي ابتدا ۾ شانتي نگر ۽ آديپور ۾ رهڻ کان پوءِ وڃي ڪڇ ۾ رهيو. پاڻ وڏو سياح هو ۽ سموري دنيا جو سير ڪري، مختلف قومن، قبيلن ۽ ملڪن جي رسمن رواجن، تھذيب ۽ ثقافت جو مشاهدو ڪيائين. هوميوپيٿڪ ۾ ماهر هو. کيس تجربن ڪرڻ جو بيحد شوق هو. تصويرن رستي ۽ بجليءَ ذريعي بيمارن جو علاج ڪرڻ کان وٺي، چقمق رستي پڻ علاج ڪرڻ جا تجربا ڪيائين. چقمق رستي علاج ڪرڻ (Magnetic Therapy) تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب بہ لکيائين. سنڌيءَ ۾ گرو گرنٿ صاحب سندس گهرواريءَ لکيو هو، جو اڄ تائين موجود آهي. هن مختلف قولن جا نوٽ، سنگت کان ڪٺا ڪري، انهن کي سنواري ”ٻاراڻي ٻولي“، ”اُٿ ۽ اور“ ۽ ”ڪي ساعتون سڄڻن سان“ (چئن ڀاڱن ۾) نالي ڪتاب ڇپايا. ان کان سواءِ شريمد ڀڳوت گيتا جو ترجمو ۽ وياکياڻ سنڌيءَ ۾ ڇپايائين. سائين هادي بخش جو ڪلام، ڀڳوت گيتا جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ۽ سري يوگ وسشٽ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيائين. فيبروري 1980ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.04.30  عيسوي

آر . ايم هري ، ڊاڪٽر 30 اپريل 1912ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو .


1980.02.00  عيسوي

آر . ايم هري ، ڊاڪٽر فيبروري 1980ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رئيس ضياءُ الدين ضيا
عثمان ٻرڙو
الھداد خان صوفي نواب
روچلداس ڊاڪٽر
شيام داس جوشي
پال سيزان
جيلاني حنا
عبدالقيوم سڪندري مھر
آخوند حاجي دين محمد
بختاور ڀٽو زرداري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون