آرڙ جي ڍنڍ

آرُڙَ جي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ديھہ ”ٻليدائيءَ“، تپي ٻليدائيءَ، تعلقي ميهڙ جي اتر ۾ ۽ ڌامراھہ واھہ جي اورئين پاسي تي آهي. نقشي مطابق آرُڙ َٽن ديهن تي پکڙيل آهيِ: (1) ديھہ ٻليدائي، (2) ديھہ وارياسو ۽ (3) ديھہ ڪاملپور. هيءَ ڍنڍ هر سال نيلام ٿيندي آهي. ڍنڍ جي اوڀر ۾ ”ٻلهڙا“ ڳوٺ آهي، جيڪو ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. هن ڳوٺ ۾ ٻہ ذاتيون رهنديون آهن. (1) ٻلهڙا ۽ (2) ٻَٻر، اهي لاڙڪاڻي ضلعي جي اسراڻ زميندارن جي پوک ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ ملاحن کي ٺيڪي تي ڪانہ ملندي آهي، پر سولنگي ذات جا ماڻهو ٺيڪي تي کڻندا آهن. هن ڍنڍ ۾ مڇي بہ چڱي مرندي آهي ۽ سيپٽمبر کان مارچ مهيني تائين پکي بہ جام مرندو آهي. ميهڙ ۽ نصيرآباد جي مارڪيٽ ۾ آرُڙَ ڍنڍ جو پکي جام پهچندو آهي، جتان دادو شھر جا پکين جا واپاري بہ پکي کڻي ويندا آهن. بندوق جو شڪار آفيسر ۽ زميندار ڪندا آهن، نہ تہ هتي پکين جي اهڙي شڪار تي بندش پيل آهي. مقاطعيدار پاڻ آڏين ۽ ونجهرن ۾ پکي مارائيندا آهن. آڙي خاص ڪري ”پئوَن“ ۾ ڦاسائي مارائيندا آهن. مڇي پکين جي موسم کان پوءِ هر روز ڪافي تعداد ۾ مرندي آهي. آرُڙَ ڍنڍ جو هڪ پاسو ٻہ ڪلو ميٽر ٿي ويندو. هيءَ هن دؤر ۾ ميهڙ تعلقي جي وڏي ۾ وڏي ۽ تمام پراڻي ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ جي ڪنارن سان پَنِ تمام گهڻي ٿئي، انڪري وڏي مڇي سياري ۾ پَن ۾ لڪي ويندي آهي. پوءِ بہ مڇي مارڻ وارا هن ڍنڍ ۾ روز رڇ لاهي پهريِ ڪندا آهن. ڍنڍ جي مڇيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ ميهڙ شھر آهي، جتان مڇي ريل رستي باڊھہ کان ۽ ٽرڪن رستي راڌڻ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ڏانهن بہ ويندي آهي. آرُڙَ ڍنڍ تي اهو نالو بہ آڳاٽي دور جو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو