آرِيٺو / آرِيٺڙو

آرِيٺو / آرِيٺڙو: هڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو ٻج، جو گول داڻن جي صورت ۾ سوپاريءَ جيڏو ٿيندو آهي، جنهن کي ڀڃي، ان جون کلون پاڻيءَ ۾ ڇاڇولبيون آهن تہ اهي صابڻ وانگر گجي ڪندو آهي. ان گجيءَ ۾ ريشمي ۽ اوني ڪپڙا ڌوپجندا آهن. هي گول داڻا چٽڪمرا، زرديءَ ۽ ڳاڙهاڻ تي مائل هوندا آهن، جن جي مٿين کل لاهبي تہ اندران ٻير جيڏو ڪارو گول داڻو نڪرندو. دوائن ۾ اُها مٿين کل ڪم ايندي آهي ۽ اندريون ڪارو داڻو ڪم نہ ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو