آرين جو مذھب

آرين جو مذھب: موھن جي دڙي وارن مھذب ماڻھن جي زندگيءَ ۾ پھريان خلل وجهندڙ، آريا چيا وڃن ٿا، ڪيترن محققن جو چوڻ آھي تہ آريا اڻ سڌريل ۽ وحشي ھئا. ھنن جڏھن ننڍي کنڊ تي حملو ڪيو، تڏھن ھتان جا رھاڪو، جيڪي نھايت سڌريل ۽ امن پسند ھئا، سي سندن حملي کي منھن ڏيئي نہ سگهيا ۽ ھٿيار اڇلائي ڇڏيائون، جنگ کان پوءِ جڏھن فاتح ۽ مفتوح ۾ ميلاپ شروع ٿيو، تڏھن جيتيل قبيلي جي بلند اخلاقي ۽ سندن تھذيب آرين جي وحشي پڻي تي اثر انداز ٿيڻ لڳي، تان جو ٻئي قبيلا ملي ھڪ ٿي ويا ۽ سندن ”سنجوڳ“ مان ھندو ڌرم جو بنياد پيو، جنھن جا اڪثر عقيدا سنڌو ماٿريءَ جي رھاڪن جي عقيدن سان ملن ٿا، ھي سنجوڳ تہ گهڻو بعد جو آھي، پر جڏھن آريا برصغير ۾ داخل ٿيا تہ پاڻ سان گڏ ڪي عقيدا بہ آندائون، جن ۾ ”اگني“ (باھ) ديوتا کي مڃڻ جو عقيدو اھم ھو. آريا سرد علائقن جا رھواسي ھئا، ان ڪري باھ جهڙي قدرتي عنصر جي کين سخت ضرورت ھئي، ان ئي باھ کي قائم رکڻ سان سندن گهر گرم رھي سگهيا ٿي، باھ جا اڪثر آتش ڪدہ بہ انھن ئي سرد علائقن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
سنڌ ھڪ گرم علائقو ھو، ھتي باھ کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ تہ ڪارگر ٿي سگهي ٿي، پر پاڻيءَ وانگر زندگيءَ کي دوام بخشي نہ پئي سگهي، ان ڪري قديم سنڌين کي آرين جا ديوتا ايترو متاثر نہ ڪري سگهيا، جيترو ھتي جي قديم رھواسين جي ديوتائن، آرين کي متاثر ڪيو.
تحقيق مان پتو پوي ٿو تہ وقت گذرڻ سان انھن وحشي آرين مقامي ماڻھن جي ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي، سندن عقيدا سنڌو ماٿريءَ جي رھاڪن جي عقيدن کان بلڪل الڳ ھئا، پر ھن سرزمين تي ڳچ صديون گڏ رھڻ ۽ آباد ٿيڻ کان پوءِ سندن عقيدن ۾ زبردست انقلاب آيو ۽ اھي ”اندر ديوتا“ جا پوڄاري آخر ”شو“ جي پوڄا ڪرڻ لڳا.
محققن جو رايو آھي تہ سنڌو ماٿر جي اعتقادن ۽ روحاني تصورن ھن ننڍي کنڊ کي اھڙو تہ ورثو ڏنو، جنھن جو غلبو اڄ تائين ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ ھتي ھن سر زمين تي موجود آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو