آريسر عبدالغفور

آريسر، عبدالغفور: آريسر عبدالغفور جو پورو نالو حاجي عبدالغفور آهي. سندس جنم 3 جنوري 1929ع تي ڀارتي گجرات جي ڳوٺ پيراهو ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان استاد رهيو. سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي فائز آهن، نامياري سياستدان عبدالواحد آريسر جو پرائمري استاد رهيو. ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جو اڳوڻو براڊ ڪاسٽر حاجي عنايت الله زنگيجو پڻ هن جو شاگرد آهي. 1984ع ڌاري رٽائر ٿيو ۽ هاڻي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪري ٻارڙن کي ديني تعليم سان روشناس ڪري رهيو آهي، هن وقت ضلعي عمرڪوٽ تعلقي ساماري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ آريسر عبدالغفورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.01.03  عيسوي

آريسر ، عبدالغفور 3 جنوري 1929ع تي ڀارتي گجرات جي ڳوٺ پيراهو ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظفر علي شر
پير محمد شاهه
پير غلام جيلاني شاهه نورائي
حاتم علوي
آبش بھراڻي
شمس الدين گونگو نظاماڻي
بهرام سھراب رستم جي
جَون ايليا
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
جميل الزمان جميل مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون