آدم شاھہ جو تڪيو: ڪلهوڙا خاندان جي پهرئين سرواڻ شھيد ميان آدم شاھہ ڪلهوڙي جي چانڊڪا پرڳڻي ۾ مريدي خادمي تمام گهڻي هوندي هئي. بکر کان چانڊڪي پرڳڻي ۾ ايندي يا ويندي آدم شاھہ ڪلهوڙو ڳوٺ بچل جوڻيجي ۾ بہ ترسندو هو، جتي سندس ياد کي قائم رکڻ لاءِ ’آدم شاھہ جو تڪيو‘ ٺاهيو ويو آهي. هي تڪيو تاريخي يادگار آهي.