آخوند ﷲ بخش ڀٽي سيتائي: آخوند ﷲ بخش ولد آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي، ڳوٺ سيتا (تعلقي دادو) ۾ سن 1279ھہ/1862ع ۾ جنم ورتو ۽ 1356ھہ/1937ع ۾ رحلت ڪيائين. پنھنجي دور جو جيد عالم، مدرس ۽ خطاط هو. ديني علوم جي مڪمل تحصيل ۽ دستاربندي پنھنجي وڏي ڀاءُ آخوند مولانا عبدالرحمان ڀٽيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ ان جي رحلت کانپوءِ ان ئي مدرسي کي اوج تي پهچايائين. آخوند ﷲ بخش ڀٽي فقيراڻو مزاج رکندڙ، شھرت کان ڀڄندڙ ۽ گوشه نشين عالم هو. درس ۽ تدريس کانپوءِ سندس باقي وقت عبادت ۽ مطالعي ۾ گذرندو هو. کيس ڪتابن سان بيحد محبت هئي. جن ۾ عربي صرف نحو، منطق، حڪمت، اصول فقه، تفسير ۽ حديث جا ڪتاب اچي وڃن ٿا. کيس ڪليات جامي ۽ شرح جاميءَ سان گهڻو لڳاءُ هو. فارسي شعر ۽ ادب سان کيس خاص دلچسپي هئي، جنهن سبب هڪ فارسي ديوان ابو طالب ڪليم پنھنجي هٿ اکرن سان لکي پورو ڪيائين. جيڪو سندس مواد مان مليو آهي. سندس طرز تحرير جو ڪيترو ذخيرو زماني جي دستبرد کان بچي نہ سگهيو، پوءِ بہ سندس هٿن سان لکيل اهو ديوان سندس املھہ يادگار آهي. سندس رحلت کانپوءِ سندس علمي ورثي جو وارث آخوند محمد صالح ڀٽي بڻيو، جنهن پنھنجي والد کانسواءِ پنھنجي ٻن وڏن ڀائرن يعني آخوند عبدالرحمان ڀٽي ۽ آخوند ﷲ بخش ڀٽيءَ کان علم حاصل ڪيو ۽ همايون شريف وڃي مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ وٽ بہ پڙهيو هو ۽ آخر ۾ درٻيلي جي درسگاھہ مان دستاربندي حاصل ڪيائين. آخوند مولانا ﷲ بخش ڀٽي پنھنجي عمر جو آخري حصو نهايت گوشه نشينيءَ ۾ گذاريو.