ديوان گل ڪتاب جو عڪس

ديوان گل ڪتاب جو عڪس

آخوند گل محمد ھالائي خليفو

آخوند گل محمد ھالائي خليفو: خليفي گل محمد ھالائيءَ سنہ 1226 ھہ/ 1811ع ۾ پراڻن هالن ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ گل پھريون شاعر آھي، جنھن عروض جي اصولن پٽاندڙ پنھنجو مڪمل ديوان جوڙي، ممبئيءَ مان ڇپائي 1275ھہ/1858ع ۾ پڌرو ڪيو، انهيءَ ڪري گل کي سنڌي عروضي شاعريءَ جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو. خليفو گل محمد وڏو عالم فاضل ۽ عارف ھو. سندس ڪلام مان پڌرو آھي تہ ھو عربيءَ جو وڏو عالم ۽ پارسيءَ جو بہ ڄاڻو ھو، سندس ڪلام ۾ شريعت کان سواءِ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي بہ اپٽار ملي ٿي. خليفو گل محمد، پير علي گوهر شاھہ ”اصغر“ سائين جن جو معتقد مريد ۽ خاص خليفو ھو ۽ خلافت جو اھو سلسلو اڃا تائين آخوندن ۾ ھلندو اچي ٿو. اصغر سائين سندس ھمعصر شاعر ھو. جنھنڪري سندس ڪلام تي تصوف جو عنصر ۽ فقيريءَ جو رنگ غالب آھي. پاڻ سنہ 1272ھہ مطابق 1855ع ۾ عربستان ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1811.00.00  عيسوي

خليفي گل محمد ھالائيءَ سنه 1226 هه/ 1811ع ۾ پراڻن هالن ۾ جنم ورتو .


1855.00.00  عيسوي

آخوند گل محمد ھالائي خليفو سنه 1272ھ مطابق 1855ع ۾ عربستان ۾ وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڳن آهوجا
اقبال بلوچ
تاج ٽکڙائي
رخسانه رخ سومرو
سائل خواجو
سوامي ڪلاچند ڪلياڻ
امان ﷲ مھر
آسي زميني
اسد ﷲ شاھہ بيخود حسيني
در محمد فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون