آخوند هدايت ﷲ مشتاق هالائي

آخوند هدايت ﷲ ”مشتاق“ هالائي: آخوند هدايت ﷲ ولد عبدالله ميمڻ 1286ھہ/ 1869ع ۾ هالا تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس وڏا ڪورڪي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ديني درس بہ ڏيندا هئا. پاڻ سٺو شاعر هو. ان سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم بہ ڪندو هو. اکر تمام سھڻا هئس، ان ڪري ڪتابت پاڻ ڪندو هو. 1894ع ۾ سندس لکيل ڪتاب ”هدايت الانشاء“ ڇپيو، جيڪو خطن تي مشتمل هو. 66 سالن جي ڄمار ۾ 21 جون 1935ع پهرين ربيع الثاني 1354 ھہ تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1869.00.00  عيسوي

آخوند هدايت الله ” مشتاق “ هالائي 1286هه/ 1869ع ۾ هالا تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو


1935.06.21  عيسوي

آخوند هدايت الله ” مشتاق “ هالائي 21 جون 1935ع پهرين ربيع الثاني 1354 هه تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احفاظ الرحمان
ڪرم خان مري
انس راڄپر
امير بخش ڪلهوڙو
قاضي نظر محمد
اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
علياڻي بھادر خان
شرجيل انعام ميمڻ
جارج-6
ايم ايڇ پنهور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون