آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي: سيتا ڳوٺ ۾ ڀٽين جي مدرسي جو بنياد انگريز دور حڪومت کان اڳ جو پيل هو. پر آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ ان مدرسي جو نئين سر نصاب ۽ نظام مقرر ڪري ان کي باقاعدہ ۽ منظم بڻايو هو. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247ھہ/1831ع ۾ ٿيو، جڏهن تہ سندس وفات جو سال 1317ھہ/1899ع چيو وڃي ٿو. آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جي والد بزرگوار جو نالو آخوند گاهي هو. ديني تعليم ۽ عربي فارسي زبان سان لڳاءُ کيس خانداني ورثي طور مليل هو. هو ڪيترا سال درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو رهيو ۽ پنھنجي علائقي ۾ ڪيترن شاگردن کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ۽ فيضياب ڪيو ۽ پنھنجي وقت جا بھترين معلم مدرس ۽ عالم پيدا ڪيا. پهريائين هڪ نياڻي پيدا ٿي ۽ پوءِ ست پٽ ترتيبوار عبدالرحمان، الھہ بخش، محمد صالح، الهڏنو، گاهي، عبدالرحيم ۽ دائود پيدا ٿيا. سندس ستن پٽن مان چار پٽ علم ۽ فضيلت سان بهرور ٿي آخوند جي لقب سان مشھور ٿيا، جھڙوڪ: آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند ﷲ بخش ڀٽي، آخوند محمد صالح ڀٽي، آخوند محمد دائود ڀٽي. اهي چارئي پنھنجي دور جا عالم، فاضل، معلم ۽ مدرس بڻيا. اهي عالم دين نہ رڳو ديني علمن ۾ يڪتاءِ روزگار هئا، بلڪ بھترين خوش نويس ۽ خطاط هئا. انهن جا ترڪي ۾ ڇڏيل ڪجهہ قلمي نسخا مليا آهن، جيڪي سندن بھترين خوش نويسيءَ ۽ رسم الخط جا اعليٰ نمونا آهن. سندن ڪيترا قيمتي ڪتاب ۽ علمي آثار زماني جي گردش جي ور چڙهي ويا. ان ڪري هن علمي درسگاھہ جو هڪ پورو عھد آخوند محمد دائود ڀٽيءَ کانپوءِ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن جي وفات 1973ع ۾ ٿي. آخوند مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جون ڪيل ديني ۽ علمي خدمتون ۽ سندس اولاد طرفان هڪ صديءَ جي عھد تائين سندس جلايل جوت کي قائم رکڻ واريون ڪوششون تاريخ ۾ يادگار رهنديون.
1247.00.00 عيسوي
. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو
1831.00.00 عيسوي
. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو
1317.00.00 عيسوي
، جڏهن ته آخوند ڇٽي جي وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو .
1899.00.00 عيسوي
، جڏهن ته آخوند ڇٽي جي وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو .