سيتائي، آخوند محمد موسيٰ ڀٽي

سيتائي، آخوند محمد موسيٰ ڀٽي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي سيتائي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي سيتائي: آخوند محمد موسيٰ ڀٽي ولد آخوند مولانا الھہ بخش ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾، 15 اپريل 1907ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ ۾ پنھنجي خانداني مدرسي ۾ آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي کيس قرآن، تفسير ۽ حديث جا درس ڏنا ويا ۽ ان سان گڏ فارسيءَ ۾: ڪريما، گلستان ۽ بوستان پڻ پڙهايا ويا. جوانيءَ ۾ سندس اک اڙجي وئي، جنهنڪري ديني علمن: عربي ۽ فارسي جي تعليم اڌ ۾ ڇڏيائين ۽ وڌيڪ پڙهڻ کان نابري واري ڇڏيائين، والدين ۽ خاندان جي وڏڙن مٿس زور ڀريو، پر پاڻ مزدوري ڪري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندو رهيو ۽ شاعري شروع ڪيائين ۽ سوز ڀريون ۽ درد انگيز ڪافيون ٺاهيائين. کيس پنھنجي وڏڙن پنھنجي خانداني مدرسي جو مدرس، معلم ۽ آخوند ڏسڻ پئي چاهيو، نيٺ وڏڙن کيس شاديءَ لاءِ اماده ڪيو ۽ پنھنجي ئي خاندان مان آخوند محمد صالح ڀٽيءَ جي پڙهيل لکيل نياڻي عظيمه بتول سان شادي ڪرائي وئي جيڪا سگهڙ، سياڻي ۽ نيڪ سيرت خاتون هئي. هن خاتون ساڻس ڏک سور ۾ خوب نڀايو ۽ اڳتي هلي آمادہ ڪيو تہ هو پنھنجي اڌ ۾ ڇڏيل ديني تعليم مڪمل ڪري. هيءَ خاتون گهريلو هنرن ۾ قابل هئي، هن پورهيو ڪري ڀرت، رليون، هار، سڳيون، اڳٺ، ٽوپيون ۽ موڙ ٺاهي گهرو خرچ جو پورائو ڪيو ۽ کيس ان قابل بڻايو تہ هو ٻئي فڪر کان آزاد ٿي، رهيل تعليم مڪمل ڪري، پنھنجي ان وفادار ۽ نيڪ سيرت زال جي چوڻ تي هن نئين سر تعليم جو آغاز ڪيو ۽ ان وقت مدرسي جي نائب معلم آخوند محمد دائود ڀٽيءَ وٽ پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن وٽان عربيءَ ۽ فارسيءَ جو نحوَ ۽ صرف، تفسير ۾ فوز الڪبير، تفسير جلالين ۽ تفسير بيضاويءَ جا درس پڙهي مڪمل ڪيا ۽ فقھ ۾ هدايھ، سراجي، قدوري ۽ ڪنز الدقائق پڙهي پورا ڪيا، جنهن تي سندس والدين خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ترت پنھنجي علمي زندگيءَ ۾ اچي هڪ برک عالم، انسان دوست ۽ علم دوست بڻجي ويو. سال 1937ع ۾ سندس سُهري آخوند محمد صالح ڀٽي ۽ هڪ سال بعد يعني 1938ع ۾ سندس والد آخوند مولانا الھہ بخش ڀٽيءَ بہ وفات ڪئي ۽ سمورو بار سندس ڪلهن تي اچي ڪڙڪيو. سال 1949ع ۾ سندس گهر واري بہ گذاري وئي. 1973ع ۾ آخوند محمد دائود ڀٽيءَ جي وفات کان پوءِ انهيءَ مسجد جو پيش امام ۽ ڀٽين جي مدرسي جو معلم بڻيو ۽ اهي ديني ۽ علمي خدمتون آخري دم تائين سر انجام ڏنائين. وٽس وڏڙن جو ڪتبخانو هو، جنهن ۾ عربيءَ ۽ فارسي ڪتابن جوڳيل ذخيرو هو. هن 81 سالن جي ڄمار ۾، 15 مارچ 1988ع مطابق 26 رجب المرجب 1408ھہ تي وفات ڪئي. رحلت وقت پوئتي پنج پٽ ۽ چار نياڻيون ڇڏيائين. سندس پهرين گهر واريءَ مان بشير سيتائي، سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ اديب آهي. آخوند محمد موسيٰ ڀٽي، درس و تدريس جي مصروفيت سبب پنھنجي ڪا علمي ادبي تصنيف نہ ڇڏي البت سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون، جن جو تعداد هڪ سؤ کن ٿيندو، محفوظ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.04.15  عيسوي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي ولد آخوند مولانا الهه بخش ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾، 15 اپريل 1907ع تي جنم ورتو.


1988.03.15  عيسوي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي 15 مارچ 1988ع مطابق 26 رجب المرجب 1408هه تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور ٺٽوي، مخدوم
حافظ علي محمد آخوند
عنايت ﷲ مهيسر ميان
عبدالعزيز ٿريچاڻوي
احمد خان جمالي مولانا
مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
عبدالحميد پلي فقير
ٺٽوي حسين شاھہ مراد شيرازي
احسن جوکيو
ابوالحسن صغير
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون