آخوند محمد عالم

آخوند محمد عالم: آخوند محمد عالم پنهور 1800ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ جي عالم ۾ مجازي عشق ۾ ڦاسي پيو ۽ اوچتو پنھنجي محبوب جي مري وڃڻ کان پوءِ ان جي فراق ۾ ڪافيون ٺاهي ڳائيندو وتندو هو. ان وقت سندس پاڙيسري بزرگ ميرزا مراد علي بيگ سائل (مرثيا گوئيءَ ۾ سيد ثابت علي شاھہ جي شاگرد) کيس نصيحت ڪئي تہ هن مجازي عشق کي ڇڏي دل ۾ حقيقي عشق پيدا ڪر. آخوند صاحب تي ان نصيحت جو گهِرو اثر پيو، پاڻ سڀ لکيل ڪافيون ڦاڙي ضايع ڪري مرثيا لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪلام ۾ مرثيا، سلام ۽ نوحا شامل آهن. انهن کان سواءِ هڪ فارسي مثنوي ”شاهنامه“ کرڙي جي جنگ تي لکيل اٿس. آخوند صاحب 1870ع ۾ وفات ڪئي. آخوند محمد عالم جا مرثيا اڄ بہ محرم جي ڏهاڙن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. آخوند صاحب مرثيا گوئيءَ کانسواءِ مرثيا خوانيءَ ۾ بہ ميرزا مراد علي بيگ جو شاگرد هو. ميرزا صاحب، خيرپور جي ميرن جي امام بارگاهن ۾ مرثيا خواني ڪندو هو، جنهن ۾ پاڻ سان پنھنجي پٽ ميرزا فتح علي بيگ کي ويهاريندو هو، ليڪن آخوند صاحب جي حقيقي عشق کي ڏسندي ان کي بہ پاڻ سان مرثيا خوانيءَ ۾ ويهاريائين. اهڙيءَ طرح آخوند صاحب مرثيا گوئي توڙي مرثيا خوانيءَ ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو.


لفظ آخوند محمد عالمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1800.00.00  عيسوي

آخوند محمد عالم پنهور 1800ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو .


1870.00.00  عيسوي

آخوند محمد عالم 1870ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاٽيا وشنو
ڀڳت واڌورام
صارم همداني
صغران بي بي
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
سرهو فقير
دلشاد مرزا
سيد محمد عالم شاھہ شيرازي
فياض ڏاهري
فقير مير محمد نظاماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون