آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي: آخوند محمد صالح ولد ڇٽو ڀٽي، دادو ضلعي جي قديم ڳوٺ، سيتا وليج ۾ هڪ غريب خاندان ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ئي سندس پيءُ کيس ديني تعليم ڏانهن راغب ڪيو ۽ گهر ۾ ئي تعليم حاصل ڪيائين، ڪجهہ وقت کانپوءِ هن کي شڪارپور ويجهو ڳوٺ همايون شريف ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي درسگاھہ ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو. اڃا اتي پڙهيو پئي تہ پويان سندس والد ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ سندس والدہ وفات ڪري ويا ۽ اهو صدمو کانئس برداشت نہ ٿيو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو. ڪجهہ عرصو پوءِ درٻيلي ۾ حديث، فقه، علم، منطق ۽ علم مناظره وغيرہ تي دسترس حاصل ڪيائين. ۽ موٽي اچي پنھنجي ڳوٺ ۾ مڪتب قائم ڪري مردن، نينگرن ۽ نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراستہ ڪيائين. سادي طبيعت ۽ نياز نوڙت سان پيش ايندڙ آخوند محمد صالح جي پنھنجي همعصر دور جي پڙهيل لکيل ۽ عالم ماڻهن سان گهڻي ويجهڙائي هوندي هئي. جن سان علمي ڪچهريون ڪرڻ سندس اهم مشغلن ۾ شامل هوندو هو. هن صاحب علم قرآن پاڪ جو مڪمل قلمي نسخو پنھنجي هٿن سان لکيو. جيڪو سندس لائق فرزند بشير سيتائيءَ تحقيق جي شاگردن لاءِ سنڌالاجيءَ ۾ جمع ڪرايو آهي تہ جيئن آخوند محمد صالح جو ڪيل پورهيو ثاب پوي.