آخوند سانوڻي

آخوند سانوڻي: هالا پراڻا ۾ اولھہ طرف سنڌوءَ درياھہ جي ڀر ۾ رهندڙ هڪ ديني ۽ علمي خاندان جي نُک (Sub caste) جو نالو ”آخوند سانوڻي“ آهي، جتي سندن نالي پويان سندن وسنئن ”آخوند سانوڻي ملن جو پاڙو“ موجود آهي، ”مشاهير سنڌ“ موجب هن خاندان جو تعلق حضرت عقيل بن ابي طالب عليہ السّلام سان آهي. جيڪي پاڻ کي عقيلي سڏائين ٿا. عقيلي نسب جا هي قريشي سنڌ جي اوائلي عرب دور ۾ عراق کان ننڍي کنڊ، افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هالن پراڻن ۾ اچي آباد ٿيا، جنهن ڳوٺ مان عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جا ڪيترائي شاعر ۽ عالم، مفتي ۽ قاضي پيدا ٿيا. جن مان حاجي متين الدين (پهريون)، آخوند عبدالغفور هالائي، آخوند عبدالسميع هالائي (مغل دور)، آخوند متين الدين (ٻيو)، آخوند اميد علي ”سھا“ (وفات: 15 ربيع الاول 1298ھہ/1881ع)، آخوند احمد سانوڻي هالائي (وفات 1317ھہ/1898ع)، مفتي محمد رفيق هالائي (وفات 1182ھہ/1768)، آخوند محمد قاسم هالائي، آخوند نور محمد سانوڻي هالائي (وفات 2 ذوالحج 1281ھہ/1864)، آخوند عبدالصمد سانوڻي (وفات 22 محرم 1272ھہ/1855ع)، حافظ نصرالله سانوڻي هالائي، آخوند حسيب (وفات 1353ھہ/1934)، سانوڻي هالائي'>خليفو حاجي لطف سانوڻي هالائي، آخوند رحمت سانوڻي هالائي (وفات: 15 جمادي الثاني 1304ھہ/1886ع)، خليفو گل محمد ”گل“ (ديوان گل جو مصنف وفات: 1862ھہ) مشھور آهن، ذڪر مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب ”مشاهير سنڌ“ ۾ ڪيو آهي.
هن خاندان جا مڪتب ذري گهٽ سڄي سنڌ ۾ موجود هئا، جن ۾ نصرپور، ٽنڊو ڄام، حيدرآباد، ٺٽو، سيوهڻ، سکر، مٽياري، هالا، ڪنڊيارو، درٻيلو، درازا ۽ ڪراچي شامل آهن. هن خاندان ۾ پهريون مڪتب مخدوم شعيب عرف مخدوم لاخيال قائم ڪيو، اهو مڪتب اوائلي سمن جي دور ۾ قائم ٿيو هو. سرور نوح جو والد مخدوم نعمت ولد مخدوم اسحاق بہ اتي ئي پڙهيو هو. آخوند سانوڻي خاندان مان ڪجهہ مفتي ۽ قاضي سنڌ جي انتظامي حڪمرانيءَ جي عهدن تي وڃي پهتا. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ۾ لکيو آهي تہ دهليءَ جي بادشاھہ فرخ سير جي امير نواب سيف خان کي جڏهن ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، تڏهن هن آخوند عبدالغفور سانوڻي هالائيءَ جي ڀاءُ آخوند عبدالسميع هالائيءَ کي پنهنجو نائب ڪري مقرر ڪيو، جنهن ٻن سالن تائين (1135-1137ھہ) تائين ڏکڻ سنڌ جو ڪاروهنوار هلايو، بعد ۾ رضي محمد خان پاران ٺٽي جي نوابي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ تي نواب سيف خان پاڻ اچي ٺٽي جي حڪومت کي سنڀاليو. نواب سيف خان جي وفات 9 ذوالقعد 1143ھہ تائين آخوند عبدالسميع سندس خاص اميرن ۾ شامل رهيو. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا عظيم انسان“ ۾ هن خاندان جي ٺٽي ۾ آباد ”مولوي محلي“ جي سڀ کان وڏي بزرگ جو نالو قاضي قاضن پٽ محمد بن قاسم ڄاڻايو آهي. جڏهن تہ هالا واري ”سانوڻي ملا محلي“ جي سڀ کان وڏي بزرگ جو نالو حاجي متين الدين هو، جيڪو دهليءَ کان اچي هالا ۾ آباد ٿيو. هالا ڀرسان خدا آباد ثاني جوڙائڻ واري عرصي ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙي ”آخوند سانوڻين جي پاڙي“ ۾ هڪ عاليشان مسجد جوڙائي، روايت موجب هن مسجد جو بنياد پرھہ ڦٽيءَ مھل آخوند خاندان جي ستر 70 حافظ قرآن عورتن وڌو، اها مسجد اڄ تائين قائم ۽ آباد آهي. انهيءَ خاندان مان لطيف سائينءَ جو هڪ دوست آخوند حاجي متين الدين بہ هو، لطيف سائينءَ کيس سوکڙي طور هڪ ميٽائين رنگ جو پنهنجو وڳو ڏنو هو. جيڪو مير عبدالحسن سانگيءَ جي استاد آخوند احمد هالائيءَ (87-1881ع) جي دور تائين وٽن موجود هو. هن خاندان جو قلمي ڪتب خانو، ٻين انيڪ شين سان گڏ 57-1955ع واري ٻوڏن ۾ ضايع ٿي ويو. هن ڳوٺ سان راشدين، مخدومن، مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولوي احمد ملاح، علامہ عمر بن محمد دائود پوٽي، مولانا دين محمد وفائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو اچ وڃ وارو تعلق رهيو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”تڪلمة الشعراءِ“ ۾ هن خاندان جي ڪن فارسي شاعرن جو ذڪر بہ ڪيو آهي، روزگار سانگي هن ڳوٺ مان ڪيترائي ”شريڪ“ گهران لڏي ٻين شهرن ڏانهن هليا ويا آهن. جن مان زبيدي پاڙو پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿي ويو، جن مان طفيل علي عبدالرحمان، حسن علي عبدالرحمٰن، عبدالجليل زبيدي، ايڊووڪيٽ جميل زبيدي ذڪر جوڳا آهن، جڏهن تہ ٺٽي جي مغل دور واري گورنر آخوند عبدالسميع سانوڻي هالاڻيءَ جو خاندان ٺٽي جي عقيلي خاندان جي صورت ۾ اڄ بہ مولوي محلي ۾ موجود آهي. انهن مان پڻ وڏا ناليوارا اديب ۽ عالم ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. جڏهن تہ مشھور شاعر بخش سرشار عقيلي، ايوب دور جو وزير قانون عقيلي، ڊاڪٽر ممتاز عقيلي، ٽي. وي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي بہ هن خاندان جا فرد رهيا آهن، ان کان سواءِ ويجهڙائي واري دور ۾ آخوند سانوڻي خاندان مان محمد اعظم قريشي، مولوي محمود، پروفيسر محمد علي قريشي، رحمت قريشي، قاضي عبدالله (جنهن جي تعليمي خدمتن کي مد نظر رکي شھيد بينظير ڀٽو جي پهرين دورِ حڪومت ۾ سندس نالي تي لياريءَ ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو ويو) جڏهن تہ سماجي خدمت جي ميدان ۾ جاکوڙيندڙ فھميدہ قريشي ۽ عبدالحفيظ قريشيءَ جو تعلق بہ هن خاندان سان آهي.


لفظ آخوند سانوڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو