
آخرين سنڌي- ڪتاب
آخرين سنڌي (ڪتاب ):ايڪانيڪي يا ون ايڪٽ ناٽڪن جو هيءَ مجموعو هند- سنڌ جي مشھور اديب ڄيٺي لالواڻيءَ جو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس لکيل 9 ايڪانيڪي ناٽڪ شامل آهن. ڄيٺي لالواڻي ناٽڪ ۾ بطور ڪلاڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار ٿي بہ پاڻ ملهايو آهي ۽ کيس ناٽڪن تي ٻہ اوارڊ بہ مليا آهن. هن مجموعي ۾: ”عمر مارئي، انت ويلو، ڀاڀي، اننت ياترا، آخرين سنڌي، سونا ڪنگڻ، سرءُ جو سُک، تون ڪير آهين ۽ پڃري ۾ شينهن“ عنوان سان ناٽڪ شامل ڪيل آهن. رنگين سرورق سان ڇپيل، 136 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ليکڪ 2009ع ۾ اسڪين ڪمپيوٽرز احمد آباد (انڊيا) مان ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.