
قديم آثارن جا ماهر هڪ دڙي جي کوٽائي ڪندي

موهن جي دڙي جو هڪ منظر

مصر جا قديم احرام

چانهونءَ جي دڙي جو منظر
آثار قديمہ (Archaeology ):”آثار قديمہ“ جو مطلب آهي جهونا نشان. انگريزي ۾ ان لاءِ مروج لفظ آهي: آرڪيالاجي. اهڙو علم، جنهن مان قديم انساني ورثي بابت ڄاڻ ملي. لفظ آرڪيالاجي، يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن، آرڪيوس Arkhaios يعني ’پراڻو‘ ۽ لوگس Logus يعني ’ڄاڻ‘ سان ملي ٺهيو آهي. هن وقت هن علم کي نهايت جديد سائنسي طريقن سان استوار ڪيو ويو آهي. هن علم جي ذريعي، ڪنهن بہ قديم ڪتبي، عمارت ۽ مصنوعات (اوزار، زيور، رانديڪي وغيرہ) جي مطالعي مان اسان کي ان زماني جي قومن جي ڪارنامن، تھذيب ۽ ثقافت جي ڄاڻ ملي سگهندي آهي. هن علم وسيلي اسين گذري ويل قومن جي ڇڏيل پراڻين باقياتن جو سائنسي طريقي سان مطالعو ڪري. ڪن نتيجن تي پهچندا آهيون. ان سلسلي ۾ جيڪي ڄاڻو يا ماهر ان ڪم لاءِ تحقيق ڪندا آهن، تن کي آرڪيالاجسٽ چئبو آهي. تهذيبن جي ڇڏيل باقيات يا شين کي آرٽيفيڪٽس Artifacts چئبو آهي. آرٽيفيڪٽس ۾ هر اها شيءِ شامل هوندي آهي، جيڪا استعمال ۾ هوندي هئي. آرٽيفيڪٽس جن ماڳن مان حاصل ٿين، تن کي آرڪيالاجيڪل سائيٽ چئبو آهي. اهڙيون آرڪيالاجيڪل سائيٽس يا پراڻا ماڳ، ڌرتيءَ جي ڪنهن بہ حصي تي ٿي سگهن ٿا. ليڪن دنيا جا مشھور ماڳ، جن کي عالمي شھرت حاصل آهي. سي مصر ۾ فرعونن جا مقبرا (ڏسو ”اهرام“) عراق ۽ بابل جا آثار، يونان ۽ اٽليءَ جا قديم آثار ۽ کنڊر، پاڪستان ۾ موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا ۽ هڙپا وغيرہ وڌيڪ مشھور آهن.
اڪثر ملڪن ۾ قديم آثارن جي حفاظت ۽ نظر داريءَ لاءِ هڪ کاتو قائم ڪيل هوندو آهي. جنهن کي ”قديم آثارن وارو کاتو“ سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ انهيءَ شعبي سان واسطو رکندڙ ماهر مقرر ڪيل هوندا آهن. قديم ماڳن جي خبر پوڻ شرط، ماهرن جي ٽيم، پهرين انهن هنڌن جي سروي ڪندي آهي، جنهن کان پوءِ انهن جاين جي کوٽائي (Excavation) جو ڪم شروع ڪندي آهي. کوٽائيءَ جو ڪم نهايت نازڪ ۽ محنت طلب مرحلو هوندو آهي. ٿوري بہ غلطيءَ سان آثارن جي اصلي صورت يا ڪا قيمتي شيءِ ضايع ٿي سگهي ٿي. ماڳ جي کوٽائيءَ کان اڳ ڊيٽم پوائنٽ Datum point رکبي آهي،
جيڪا سيمينٽ جي بلاڪ ۽ لوهي سيخ کوڙي تيار ڪبي آهي. ڊيٽم پوائنٽ کان اڳ نقشو تيار ڪبو آهي. نقشي ۾ قديم ماڳ جي پکيڙ، هيٺ ۽ مٿي وارن حصن ۽ اوچائي وغيرہ ڄاڻايل هوندي آهي. کوٽائي ڪرڻ وقت جيڪا مٽي ڪڍي ويندي آهي، ان کي ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ڇاڻيو (Sieving) ويندو آهي. جنهن بہ قسم جا آرٽيفيڪٽس ملندا آهن. تن کي جدا ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڇاڻڻ دوران مٽيءَ ۾ وڻن جو ٻور، يا ٻئي قسم جي شين ملڻ جو امڪان هوندو آهي، تہ پوءِ اها مٽي پاڻيءَ مان تارڻ يعني فلوٽيشن Floatation لاءِ ٻين ماهرن جي حوالي ڪئي ويندي اهي. جڏهن بہ ڪي شيون حاصل ٿينديون آهن، تہ پوءِ اهي مائڪرو اسڪوپ وسيلي مطالعو ڪري. ان زماني جي وڻن، ٻوٽن ۽ موسم بابت اندازو لڳائي، رڪارڊ بوڪ ۾ چاڙهيو ويندو آهي. کوٽائي بہ تھہ در تھہ ڪئي ويندي آهي. هر تھہ جو مطالعو بہ نهايت غور سان ڪيو ويندو آهي. جنهن کي وري اسٽريٽي گرافي چيو ويندو آهي. آرڪيالاجيءَ ۾ وقت جي ڪاٿي کي ڪرونالاجي چئبو آهي، جنهن جا وري ٻہ طريقا ٿيندا آهن. پهرئين طريقي کي Relative Chronology يا نسبتي ڪاٿو چئبو آهي ۽ ٻيو Absolute Chronology يا يقيني ڪاٿو سڏبو آهي. پهرئين طريقي ۾ ماهر اهو ٻڌائيندا آهن، تہ ”الف“ پراڻو آهي ”ب“ کان، پر ”ج“ کان نئون آهي. جڏهن تہ يقيني طريقي موجب، انهن سڀني جي ڪا وقتي حد مقرر ڪئي ويندي آهي. ان ڳالھہ کي سمجهڻ لاءِ هن جدول کي سمجهڻ گهرجي. ”ب“ 600 سال ۽ ”الف“ 600. 1 سال ۽ ”ج“ 1,000 سال پراڻو آهي. مطلب تہ هن علم وسيلي تاريخ جوڙڻ ۾ مدد ملندي آهي. پراڻي زندگيءَ جا طور طريقا سمجهڻ ۽ ڪڙيون ڪڙين سان ملائڻ ۾ مدد ملندي آهي. انسان جي قديم فن، ڪاريگري، مذهبي ۽ معاشرتي زندگيءَ بابت خبر پئجي ويندي آهي.
آثار قديمہ علم جي اوسر: قديم آثارن جو علم، يا قديم ماڳن ۽ نشانن جو علم، قديم آثارن جون شاهديون ۽ ثابتيون هٿ ڪرڻ. هن کي قديم کنڊرن مان مليل شين جو علم بہ چئجي ٿو. جيئن تہ قديم زماني جي ماڻهن ڪا بہ لکت، يا ان دور جا حالات ۽ واقعات شاعريءَ جي روپ ۾ بہ اسان تائين نہ ڇڏيا آهن. البت انهن ڪجهہ اهڙا نشان ضرور ڇڏيا آهن، جن کي هن قديم علم جي وسيلي، توري، تڪي ۽ پرکي، ڪي نتيجا اخذ ڪري، ڪڙيون ڪڙين سان ملائي، تاريخ تيار ڪري ٻين تائين پهچائي ويندي آهي. اهڙي علم کي آرڪيالاجي يا علم قديم آثار چئجي ٿو.
آثار قديمہ جي علم جي ابتدا يونانين کان ٿي. اهي هميشہ کان انسان جي اصليت بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪندا رهندا هئا، ان مسئلي جي حل لاءِ اهي ڪيترائي سوال اٿاريندا هئا جن جي جواب ڳولڻ لاءِ کوجنائون ڪندا رهندا هئا. انهيءَ زماني ۾ جيڪي ماڻهو مختلف ملڪن جو سفر ڪري واپس ويندا هئا، تہ کانئن حال احوال وٺي زمين مان مليل مختلف شين جي اصليت ڳولڻ لاءِ ڪي رايا قائم ڪندا هئا. ان کان سواءِ جنگين ۽ لڙاين ۾ جيڪي شيون هٿ چڙهنديون هئن، انهن تي تحقيق ڪندا هئا، جهنگن ۽ ٻيلن ۾ آباد قديم قبيلن بابت علمي بحث ڪيا ويندا هئا. اهڙيءَ طرح سان قديم آثارن جي علم جو بنياد پيو. هن علم جي ترقيءَ جا سرواڻ يونان ۽ اٽليءَ وارا سڏجن ٿا. 15 صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري روم جي پوپ سڪسٽس Sixtus ۽ سندس ڏوهٽن پراڻين شين جو چڱو خاصو تعداد ڪٺي ڪيو هو. اهو ئي دور هو، جڏهن باقاعدگي سان آرڪيالاجيءَ جي تاريخ شروع ٿي. 15 صديءَ ۾ جڏهن قديم فن پاره محفوظ ڪرڻ جو مشغلو عروج تي هو، تڏهن ان سلسلي ۾ قديم يوناني مجسمن جي ڳولا لاءِ کوٽائيءَ جو ڪم بہ ٿيو، پوءِ اها جستجو آثارِ قديمہ جي مضمون ۾ بدلجي وئي. سڀ کان پهرين قديم رومن ۽ يونانين جي قديم آبادين جي کوجنا ڪئي وئي. نيپولين بوناپارٽ سان گڏ موجود فرانسيسي ماهرن قديم مصري آثارن تي اهو ڪم ڪيو ۽ ائين ”مصريات“ جو بنياد پيو، جنهن کي آثار قديمہ جو اهم حصو سمجهيو وڃي ٿو.
16 صدي عيسوي ۾ اٽليءَ جي ماڻهن بہ پراڻين شين جو چڱو خاصو تعداد ڪٺي ڪري ورتو. ان کان پوءِ اهڙين شين تي تحقيق شروع ٿي ۽ اهڙو رڪارڊ بہ رکيو ويو. ان کان پوءِ يورپ جي ٻين ملڪن جي ماهرن پڻ قديم شيون گڏ ڪرڻ، ۽ انهن تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي. 18صدي عيسوي تائين قديم آثارن جي ڄاڻ باقاعدي هڪ علم جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. ان سلسلي ۾ 1763ع ۾ ”هسٽري آف آرٽ History of Art)) نالي سان ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ رومي فن ۽ ان جي ارتقا تي بحث ڪيو ويو هو. اٽليءَ جي ماهرن وري قديم شھر پومپي Pompeii جي کوٽائي ڪري نهايت اهم معلومات دنيا اڳيان آندي.
ايڊورڊ رابنسن (1863-1794 ) بائيبل جي جاگرافيءَ تي ڪم ڪندي قديم تحريرن جو مطالعو ڪيو. هُن ايران مان مليل ڪتبو،جيڪو دارا- اول (Darius-I) لکايو هو، ان کي بہ پڙهي ورتو. آمريڪا جي مايا تهذيب،ڏکڻ ايشيا ۾ گنڌارا ۽ هڙپا سميت قديم سنڌو تھذيب جي کوجنا پڻ ڪئي وئي، جنن ۾ سنڌ اندر موهن جو دڙو، آمري جو دڙو، ڪوٽڏيجي وغيرہ شامل آهن ۽ بلوچستان ۾ ڪُلي، ميهِي ۽ مِهر ڳڙھہ وغيرہ ماڳ پڻ تمام قديم آهن.
1832ع ۾ ڊينمارڪ جي هڪ آرڪيالاجسٽ ڪرسچين ٿامسن هٿيارن ۽ استعمال جي ٻين ٺوس شين کي تمدني ترقيءَ جي مختلف مرحلن کي مطالعي جو بنياد بڻايو، جنهن سان پٿر جي دور، ڪنجهي واري دور ۽ لوھہ واري دور کي تمدني ترقيءَ جو بنيادي مرحلو قرار ڏنو ويو. تجزياتي ڪيميا ۽ جينيات ۾ ٿيل ترقي پڻ آرڪيالاجي شعبي کي اهم اوزار فراهم ڪيا آهن. لنڊن جي برٽش ميوزم، آمريڪا جي نيچرل هسٽري ميوزم، ڊينمارڪ جي نيشنل ميوزيم ۽ برلن جي عجائب گهرن ۾ لوھہ جي دور جا لڌل آثار رکيل آهن.
19 صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري هن علم جي ترتيب ۽ سٽاءَ کي ترقي ۽ وسعت ملي. ٻئي طرف مصرين پڻ پنھنجي پراسرار ماڳن جي ڳولا ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نہ ڇڏي. ليڪن جڏهن 18 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ نيپولين بونا پارٽ مصر تي حملو ڪيو، تہ ان وقت ساڻس گڏ ڪيترائي تاريخي آثارن جا ماهر بہ هئا، جن مصر ۾ قديم آثارن جي ڳولا ڪئي. هنن کي تحقيق ڪندي مصر جي مختلف جاين تي ڪيترائي قديم کنڊر نظر آيا، جن مان قديم لکت واريون تختيون اهميت اختيار ڪري ويون. ڇاڪاڻ تہ انهن جي ٻولي سمجهہ ۾ اچڻ کان پوءِ اهڙا تہ تاريخي انڪشاف ٿيا، جن کان اڳ دنيا واقف نہ هئي. 1822ع ۾ ’زيان فغانسو‘ ]چين فرنيڪو چيمپولين[ انهن لکتن تي تحقيق ڪري، اخبارن ۾ مضمون لکيا. 1880ع ۾ برطانيا جي هڪ ماهر فينڊريس پيٽريءَ، مصر ۽ ان جي آس پاس واري ايراضيءَ ۾، قديم آثارن جي جاچ لاءِ خطرناڪ مھم جو آغاز ڪيو. هن ڪيترن ئي کنڊرن جي کوٽائي ڪئي، جتان هن کي ڪيترائي نوادرات هٿ آيا، جن تي هن سال تائين تحقيق ڪري، اخبارن ۽ رسالن ۾ معلوماتي مضمون شايع ڪرايا. ان کان پوءِ دنيا اندر قديم آثارن ۽ ماڳن ۾ دلچسپي وڌي وئي. 19 صدي عيسويءَ جي آخر ۽ 20 صدي عيسويءَ جي شروع تائين، دنيا جي قديم تهذيبن، جھڙوڪ ميسوپوٽيميا، اوليمپياس نينوا، فلسطين جا قديم آثار، آشوري ، بابلي ۽ موهن جي دڙي بابت دنيا کي معلومات حاصل ٿي. ان کان سواءِ ڏکڻ آمريڪا جي قديم ترقي يافتہ تهذيبن، جھڙوڪ انڪا ايران جا کنڊرات جھڙوڪ بيستون جا مندر، ۽ اتان جي قديم لکت، عراق ۽ آشوربني پال جي محلات وغيرہ کان دنيا چڱي ريت واقف ٿي چڪي هئي. 20 صدي عيسويءَ جي پهرين ٽن ڏهاڪن تائين دنيا جا تقريباً سڀئي پراڻا ماڳ، جن ۾ موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا، هڙپا ۽ ٻيا آثار شامل آهن. ظاهر ٿي چڪا هئا.
هن وقت دنيا جي قديم آثارن مان حاصل ڪيل شين جو وڏو ذخيروبرٽش ميوزيم لنڊن ۾ موجود آهي. 1840ع کان پوءِ جيالاجي (Geology) کي بہ آثار قديمہ جي قدامت معلوم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ ان علم ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان سواءِ تحقيقات لاءِ بہ نوان اوزار ۽ سڌارا آندا ويا. مثلاً انساني زندگيءَ کي چئن دورن يا طبقن ۾ ورهايو ويو. پهريون دور وحشي پڻو (savage) ٻيو دور جانورن جي پالڻ ۽ انگ ڍڪڻ جو، ٽيون زراعتي دور ۽ چوٿون تهذيبي دور مقرر ڪيا ويا. 1873ع کان پوءِ کنڊرن جي کوٽائيءَ سان گڏ فوٽو ڪڍڻ ۽ انهن کي شايع ڪرڻ جو رواج بہ پيو. آهستي آهستي هن هنر جا ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنھنجي پنھنجي جاءِ تي هن علم کي ترقي ڏئي آثار قديمہ کي سائنسي بنيادن تي باقاعدي مستقل علم جي شڪل ڏني. دنيا جي اڪثر يونيورسٽين ۾ هن علم جا شعبا کوليا ويا.
سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوٽ ناهي. سنڌ جي سڀيتا دنيا جي قديم تهذيبن ۽ سڀيتائن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. جان مارشل جي ڪوشش سان موهن جي دڙي جي کوٽائي 1922ع ۾ ٿي، چانهونءَ جي دڙي جي کوٽائي 1935ع ۾ ٿي. ان کان پوءِ منصوره، ڪاهوءَ جي دڙي، آمريءَ ۽ لوهم جي دڙي وغيرہ جي کوٽائي ٿي، سيوهڻ شھر واري قديم قلعي جي کوٽائي 1997ع کان ٿي. افسوس جو هن قلعي جي کوٽائي ڏاڍي دير سان ٿي رهي آهي. قديم آثارن جي کاتي جي لاپرواهيءَ ۽ هتان جي ماڻهن جي
بي توجهيءَ سبب ڪيترائي مفاد پرست ماڻهو هن قلعي جون نہ رڳو پڪيون سرون ۽ پٿر ڪڍي پنھنجي جاين ۾ ڪتب آڻي رهيا آهن پر تاريخي اهميت رکندڙ سامان پڻ ڪڍي پنھنجي ذاتي استعمال ۾ آندو اٿن. قلعي جي چوڌاري ڪوڙيون مزارون ۽ موالي خانا قائم ٿي ويا آهن. سنڌ جي قديم آثارن بابت هڪ معلوماتي سٺو ڪتاب ”سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب سيد حاڪم علي شاھہ بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ جي گڏيل تصنيف آهي .