آثار الباقية عن القرون الغالية (ڪتاب ):ابوريحان البيرونيءَ جي تصنيف، جنھن ۾ قديم قومن جي حالتن کان علاوہ علم رياضيءَ ۽ علم نجوم وغيرہ جا مسئلا بہ بيان ڪيل آھن. البيرونيءَ ھيءُ ڪتاب 1000ع (390ھ) ۾ شمس المعالي قابوس بن وشمغير جي لاءِ لکيو ھو. ھيءُ ڪتاب 1878ع ۾ عربي ٻوليءَ ۾ لپسيا (لائپزگ، جرمني) مان شايع ٿيو، ۽ ان جو انگريزي ترجمو 1879ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو .