آب ڪوثر

آب ڪوثر: ڪوثر چشمي يا حوض جو پاڻي (مذهبي روايتن موجب بھشت ۾ ڪوثر نالي هڪ چشمو آهي، جتان نيڪوڪار ماڻهن کي پاڻي نصيب ٿيندو.) حضرت بن مالڪ رضہ'>انس بن مالڪ رضہ جي روايت آهي تہ رسول صلي عليہ وسلم جن فرمايو: ”(معراج جي رات) آءٌ بھشت ۾ گهمي رهيو هئس تہ منهنجو گذر هڪ پاڻيءَ جي نھر وٽان ٿيو، جنهن جي ٻنهي طرفن خالي موتين جا گنبذ هئا. مون فرشتي جبرئيل کان پڇيو تہ ان وراڻيو تہ: ”هي ڪوثر آهي، اهو ڪوثر، جيڪو اوهان کي رب پاڪ عطا ڪيو آهي“. مون ڏٺو تہ ان جي مٽي نهايت خوشبودار هئي. حديث شريف ۾ اچي ٿو تہ قيامت جي ڏينهن حضرت محمد صلي عليہ وسلم انهيءَ حوض جو پاڻي پنهنجن امتين کي پياريندو.
حضرت زيد بن ارقم رضہ فرمائين ٿا تہ اسان سفر ۾ رسول پاڪ صلي عليہ وسلم جن سان گڏ هئاسون تہ پاڻ سڳورن هڪ هنڌ لھي فرمايو تہ ”توهان انهن لکن ٽولن مان هڪ جزو آهيو، جيڪي حوض ڪوثر تي مون وٽ ايندؤ.“ ماڻهن زيد بن ارقم رضہ کان پڇيو تہ ان ڏينهن توهان جو تعداد ڪيترو هو؟ فرمايائون تہ ست يا اٺ سؤ.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو